Bootstrap Example
آمري : (ابڙو اڪيڊمي)

2020-06-26
داخلا نمبر 282
عنوان آمري
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 1489
داخلا جو حوالو:

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

هن داخلا جون تصويرون نه مليون

آمري جا بنياد
سنڌوءَ جو سفر / بدر ابڙو / ابڙو اڪيڊمي Abro Academy / علمي ادبي پورهيو /

آمري - مان نڪتل ٻيون شاخون-

آمري


شاخ سنڌوءَ جو سفر
ٽوٽل صفحا2
موجودہ صفحو0
اڳلو صفحو-0--1-گذريل صفحو

آمري



بزن جهڏي کان واپسيءَ جو اعلان ٿيو ته، جيپون هڪ ڀيري وري جبل لتاڙي انڊس هاءِ تي چڙهيون ۽ ڏکڻ رخ ۾ سفر ڪنديون، آمريءَ جي دڙي تي بيٺيون. آمريءَ جا دڙا انڊس هاءِ وي جي ٻنهي ڪنڌين تي آهن. الهندي پاسي هاءِ وي تي هوٽلون مسافرن کي گهڙي سوا لاءِ آرام جي آڇ ڪن ٿيون. چانهه، پاڻي، ماني ۽ گهڙي سوا اهلي پوڻ لاءِ کٽ. آمري ريلوي اسٽيشن به آهي جيڪا. الهنديءَ سج جي مسافرن لاءِ نعمت کان گهٽ ناهي. دڙن جي ڪل پکيڙ لڳ ڀڳ ويهه ايڪڙ آهي.

هوٽلن جي پويان کنڊرن مان چار پنج سال اڳ ڪاري رنگ جي هڪ سُهڻي ڪُني لڌي وئي آهي، صحيح سالم حالت ۾. اها ڪُني رني ڪوٽ جي چوڪيدار صادق گبول کي هنن هوٽل وارن وٽان ملي. الهندن کنڊرن جي کوٽائي اڃا نه ٿي آهي البت روڊ جي اوڀر وارن کنڊرن جي کوٽائي ۽ تحقيق جي ڪهاڻي موجود آهي.

مير علي شير قانع 1182 هجريءَ ۾ لکي ٿو ته، راجا دلوراءِ جي پيءُ جو نالو ”آمر“ هو ۽ هيءُ شهر ان جي نالي پويان آهي. مڙئي ڪنهن نه ڪنهن نموني شهر جي تباهيءَ جو فرياد دلوراءِ خلاف داخل ڪرايو ويو.

”آمري“ نالي سنڌ ۾ ٻه ٻيا کنڊر به آهن. هڪ کنڊر ٽنڊي جان محمد لڳ آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اتي ڪنهن وقت ۾ آمري (گدامڙيءَ) جو وڻ هو جنهن تي جنن ڀوتن جو واسو هو. هڪ روايت موجب هڪ ڀيري شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ خواب ۾ انهن جنن سان گفتگو ڪئي ۽ ڪنهن ڳالهه تان جنن سان جهيڙو ٿي پيس. ان کان پوءِ شيخ صاحب پاڻ راتو رات اتي پهچي اهو وڻ پاڙئون پٽائي ڇڏيو. ٻيو کنڊر ڊملوٽيءَ وارن کوهن کان 5_6 ميل اتر طرف ”نٿالي جو ڪوٽ“ آهي جنهن کي مقامي ماڻهو ”آمري“ چون ٿا. اتي پڻ گدامڙيءَ جو هڪ وڻ بيٺو آهي. قديم آثارن جي ماهرن موجب نٿالي جو ڪوٽ سنڌو تهذيب جي کنڊرن مٿان ٺهيل آهي پر قلعي جو سنڌو تهذيب سان ڪو به تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته اهو بجار کان جوکئي جي وقت ۾ ڪرمتين هٿان تباهه ٿيو هو. مشهور محقق سراج ميمڻ ٽنڊي الهه يار لڳ هڪ ديهه آمريءَ طرف به اشارو ڪري ٿو جتي اها روايت مشهور آهي ته، ديهه جي اوسي پاسي ۾ آمري ذات جي ڪافرن جو هڪ وڏو بت هو جنهن کي نصرپور جي هڪ بزرگ برباد ڪيو. سنڌ ۾ ”آمري“ ڪنهن ذات جو نالو به هو. سراج ميمڻ جو خيال آهي ته، آمري تهذيب جو تعلق ساڳي قديم قوم سان به ٿي سگهي ٿو.

آمري، دادو ضلعي ۾ درياهه جي ساڄي ڪپ مُهين جي دڙي کان اٽڪل هڪ سؤ ميل ڏکڻ ۾ آهي. هڪ امڪان اهو به آهي ته اهو شهر سنڌوءَ جي ڪنهن ننڍي شاخ يا اڙل واهه جي ڪپ تي هو جنهن جا نشان اڄ به لڪيءَ کان هيٺ ريلوي ڦاٽڪ لڳ موجود آهن. سنڌوءَ جي پرئين ڪپ تي اولهه طرف ويهه ميل پري، چانهونءَ جو دڙو آهي.

آمريءَ واري دڙي جي پهرين کوٽائي ڊسمبر 1929ع ۾ مجمدار ڪئي، هن ڪي ابتدائي نتيجا ڪڍيا پر مليريا جي حملي سبب ڪم مڪمل ڪري نه سگهيو. هن کانپوءِ سر جان مارشل دڙي جي کوٽائي ڪرائي. ابتدائي کوٽائين مان پتو پيو ته هتان اهڙو ٺڪراٽو به لڀجي ٿو جنهن جو تعلق مُهين جي دڙي واري تهذيب سان نه آهي. آرڪيالاجيءَ جي دنيا ۾ هيءَ هڪ وڏي دريافت هئي جنهن سان سنڌوءَ تهذيب جون پاڙون سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي. هن قسم جو ٺڪريون سنڌ مان پهريون ڀيرو لڌيون ويون هيون.

1959ع ۾ هڪ فرانسيسي ٽيم، هتي کوٽايون ڪرايون. فريچ ماهر موسيو زان ماغي ڪاسل پنهنجي رپورٽ 1964ع ۾ پيش ڪئي. جنهن ۾ رپورٽ سان گڏ نقشا، خاڪا ۽ تصويرون شامل هيون. سندس رپورٽ موجب، هن دڙي ۾ کوٽائي جي قابل پنج دور هئا. جن مان پهريان چار دور تاريخ کان اڳ واري تهذيب سان تعلق رکندڙ هئا، جڏهن ته آخري مٿيون دور اسلامي دور جو هو. هُن اِهي دور ٺڪر جي ٿانون ۾ تفاوت جي بنياد تي مقرر ڪيا. اهو تفاوت ٺڪريءَ جي فن جو ارتڪا ظاهر پيو ڪري. سڀ کان آڳاٽا ٿانءَ ڪنين کان سواءِ هئا. چڪر ۽ آويءَ جو استعمال به هو پر 82 سيڪڙو ٿانو هٿ سان ٺپي ٺاهيل هئا. انهن تي ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو ميلاپ آهي. ڊزائين جي اعتبار کان جاميٽريءَ وارا چٽ ملن ٿا، خاص ڪري اهي جيڪي سنڌي رلين تي موجود هوندا آهن. دڙي مان ڪٿان ڪٿان ٽامي جا ٽڪرا، ٺڪر ۽ سپن جون چوٿيون به لڀجن ٿيون جن سان ٺڪر سان گڏ سپن جي نفيس صنعت جو پتو پوي ٿو. سپن مان گول مڻيان به ٺاهيا ٿي ويا جن جي نفاست ڏسڻ وٽان آهي.

رپورٽ ۾ هيٺين پهرين دور کي اڃا به چئن عرصن ۾ ورهايو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل اڪثر شيون، ان ئي عرصي مان لڀجن ٿيون. ٻئي عرصي ۾ مٽيءَ جون سرون ملن ٿيون. انهن سرن سان ٺهيل هڪ اهڙي ڪوٺي به لڌي وئي آهي. جنهن جي بنياد ۾ ڦِڪي ريتي آهي. سرن جي بيهڪ ۽ ماپ مختلف آهي. ٿانون جي نمونن ۾ فرق نظر اچي ٿو. ڪَنيءَ جي هيٺان ڳچيءَ تي ٻه پٽا نڪتل آهن جن جي هيٺان ٽڪنڊيون ڊزائينون آهن. ٽڪنڊن ۾ ڳاڙهسرو رنگ ڀريل آهي. هڏي ۽ پٿر مان گهڙيل ڪجهه ڇريون به ملن ٿيون. ٽيون عرصو ڪافي پکڙيل آهي. ان ۾ گهرن جون اڏاوتون مستطيل آهن ۽ انهن جي ماپ به جدا جدا آهي. پٽ ڪچو گاري جو ٺهيل آهي. ڀتن ۾ ڪاٺ جي استعمال جون شاهديون به ملن ٿيون. گهرو اڏاوت جو هڪ ٻيو قسم ڊگهي قطار ۾ ننڍين ننڍين ڪوٺين جي صورت ۾ ملي ٿو، جيڪي پڻ مستطيل آهن. اهي ڪوٺيون چئني پاسن کان بند آهن ۽ انهن ۾ رهائش جو ثبوت نٿو ملي. ماپ ۾ تمام ننڍيون هئڻ ڪري فرينچ ٽيم جو خيال آهي ته اهي گهرن جا تهه خانا يا وري گدام ٿي سگهن ٿا. چوٿين دور ۾ گهرن جو نمونو بهتر آهي. ٿانون جو ڪم به بهتر آهي. هن عرصي جو هڪ اهڙو به گهر ملي ٿو جنهن ۾ ڇهه ڪمرا هئا. انهن مان ٻه ڪمرا ساڳيا تهه خانن جهڙا آهن پر انهن ۾ دروازي جو ثبوت ملي ٿو. ان عرصي ۾ مُهين جي دڙي سان لاڳاپيل ڪجهه آثار ملن ٿا پر اهو عرصو بلوچستان جي ڪجهه آثارن سان به هڪجهڙائي رکي ٿو.

محترم سراج ميمڻ، جنهن مُهين جي دڙي واري ٻولي پڙهڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، خيال ڏيکاري ٿو ته، آمريءَ مان لڌل ڪيترن ٿانون تي اهڙا نشان نظر اچن ٿا جيڪي ابتدائي ٻوليءَ جا ٿي سگهن ٿا. اهي نشان سادا، تقريباً مخروطي نموني جا ۽ چيني ٻوليءَ جي تصوري خاڪن جي صورت ۾ آهن.

آمري ڪلچر کي نل ثقافت به سڏيو وڃي ٿو، جتان پڻ ساڳئي قسم جو ٺڪراٽو ملي ٿو. نل بلوچستان ۾ قلات ڊويزن جي شهر خضدار کان ساڍا چار ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي. آمري ۽ خضدار جي وچ ۾ مفاصلو اٽڪل اڍائي س‍‍ؤ ميل آهي. ٻنهي دڙن مان لڌل ٺڪراٽي ۾ هڪجهڙائيءَ سبب ماهرن هڪ اصطلاح شروع ڪيو آهي. ”آمري _ نل ثقافت“. جيتوڻيڪ مسٽر وهيلر ٻنهي ٺڪراٽن ۾ ڪجهه فرق ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، تنهن هوندي به ٻنهي ثقافتن جو پاڻ ۾ رشتو نظر اچي ٿو. اختلاف ڏيکاريندي، وهيلر نل ثقافت کي جابلو ثقافت سان ڳنڍيل قرار ڏيئي ٿو جڏهن ته ٻيا ماهر آمريءَ کي سنڌو تهذيب سان ملائين ٿا. اصل ۾ موسيو ڪاسل جي تحقيق جو بنيادي سوال ئي اهو هو ته، ڇا <




ٽوٽل صفحا2
موجودہ صفحو0
اڳيون صفحو-0--1-گذريل صفحو

آمري ھنن داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
نٿالي جو ڪوٽ
سنڌوءَ جو سفر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
پبلشر پاران
ليکڪ پاران : سنڌوءَ جو سفر
سنڌوءَ جي زندگي ۽ موت جو سُوال
اسڪائي ليڪس جي نقش قدم تي
سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ
سنڌو ندي شروع ڪٿان ٿئي ٿي؟
سنڌو طاس
سنڌو طاس ٺاهه
رگ ويِد ۾ سنڌو
سنڌو مهم ۾ شرڪت
آديسي اڄ مر سڀان مرندو سڀڪو
ٽيڪسيلا
سڪندر اعظم
ڪئمپ ڏانهن
ڪابل نديءَ جي ڪنڌيءَ تي
گليشئر جي هاڃا
اٽڪ وٽ سنڌو
اٽڪ قلعو
اٽڪ پُل
نيرن نيڻن واري ۽ چانديءَ روپ مست
پوٺوهار
غازي گهڙيالا پروجيڪٽ
پاور ڪامپليڪس
پوٺو هار جا ڪجهه درويش
خوشحال ڳڙهه
سنڌوءَ جا خوفناڪ لنگهه
جبلن ۾ ڦاٿل سنڌو
نوري پِير ۽ جوڳي
گهوڙا تڙپ
سوڪڙيان
طوطي خان کان انٽرويو
خوشحال ڳڙهه کان اڳتي
عزيز شڪاريءَ جي قبر
ست سهيليون
ٻيو وڏو وڪڙ
مکڊ شريف
سنڌوءَ ۾ سون
سوان ندي
ڪالاباغ ڏانهن
ڪالاباغ بند
ڪالاباغ بند- ڪجهه تفصيل
ڪالاباغ بند ٺاهڻ جا مقصد
فني جوڙجڪ
بند ڪيئن ٺهندو؟
جبلن جي صورتحال
پٺاڻن کي اعتراض جا سبب
ڪالاباغ شهر
جناح بئراج
ڪالاباغ کان چشمه تائين
ڪيل
دراوڙ
ڪيل بستيءَ کان اڳتي
بوٽ لاڪ
بلوٽ شريف
بلوٽ جي اصل ڪهاڻي
چشمه بئراج ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال
بئراج تي
ڪلور ڪوٽ
درياخان ڏانهن
دريا خان ۾
ديرو اسماعيل خان
آلودگي
طوطي خان سان ڪچهري
رحمان ٺيڙهي
رولاڪ افغان قبيلو
ڊي-آءِ خان شهر جو چڪر
ڪروڙ شريف ڏانهن
هڪ ڳوٺ-نوتڪ
ڪروڙ شريف
ليهّ پتڻ تي
نئون ڏينهن
تونسه بئراج
تونسه شريف پير پٺاڻ
بئراج ڏانهن واپسي
زندهه پير
ديري غازي خان ڏانهن
ديرو غازي خان شهر
تاريخ جاگرافي
موسم
قديم علاج
شهر جو ماضي
قديم مندر ۽ مسجدون
سياسي ڇڪتاڻ
نئون سج
ٻيڙي ناهي ته به پرواهه ناهي
ٻار لنگهيائون ٻاجهه سين
ڄام پور وٽ ٻيڙين جي پُل
ڄام پور
ڄام پور جي تاريخ
ڄام جادم جکرو
دلوراءِ جي ٺيڙهه
هرڻاڪس يا هَڙند؟
سنڌو ماٿريءَ ۾ ديوتائن سان جنگ
ورتر اَسر ۽ اِندر جي جنگ
ڪارو پاڻي
ڄام پور جي سياسي ۽ سماجي حالت
مولانا عبيدالله سنڌي رحه
گهاڙِي والا
مٺڻ ڪوٽ ڏانهن
ڌٻڻ ۾
پتڻ تي حال احوال
درگاهه بابا فريد
شهر مٺڻ ڪوٽ
عمرڪوٽ کان اوڀر ۾ هُن پار
ڪشمور
گرنٿ صاحب جو درشن
سک مت
گرونانڪ
گرونانڪ - هڪ فنڪار
گڊو بئراج
سنڌ جي گم ٿيل ندي
ستلج جو وهڪرو
سنڌوءَ جا قديم وهڪرا
گهاڙ
مهراڻ
وهڪرا ۽ انهن جا زمانا
سنڌوءَ جي لاهِي
درياهه ۽ زمين جي سطح
گڊو بئراج تي حادثو
ماڇڪو - سنڌ ۾ پنجاب جو ٻيٽ
ڪنڌڪوٽ ۾
ٽوڙي بنگلي ۾
دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو
ماٿيلو
مومل ۽ ڀينرون
شڪارپور
عجيب اطلاع
سکر
عجيب ٽڪريون
لب مهراڻ تي آجيان
اسوريا جي راڻي
ڏهاڳڻ سهاڳڻ
اروڙ
ڪالڪان غار
اروڙ ۾ هڪ ٻي غار
نَينهن ٽڪر
سکر ۽ بکر جي تاريخ
خواجه خضر جو آستانو
ساڌ ٻيلو
سَتين جو آستان
روهڙي
وار مبارڪ
پتن جي ماڙي
معصوم شاهه جو منارو
آدم شاهه جو مقبرو
سکر پتڻ
مسجد منزل گاهه
لئنسڊائون پُل
ايوب پُل
سکر بئراج
ٽالپر
نوشهرو فيروز
ڪوٽ ڏيجي
مٿي جو سور لاهيندڙ پير - شادي شهيد
راڪاس جو روڻو
خيرپور ضلعي ۾ درگاهن پويان ڏندڪٿائون
ابراهيم اڌم جي ڏند ڪٿا
آستانو ابراهيم اڌم بلخي
هرڻيءَ جو کير
هنو
شيطان
خيرپور ضلعي ۾ موجود اولهه - اوڀر قبرون
ٻيا پير ۽ قبرون
سيد حسين شاهه بخاري
سيد ڇتن شاهه
لونگ فقير
پير مشائخ مهيسر يا مهيسر مشائخ
سلطان اڌم ڪٿا جو ٻيو حصو
خيرپور ۾ کجي
کجيءَ جو پرڏيهي واپار
فيصلي جي گهڙي
سکر کان لاڙڪاڻي ڏانهن
لاڙڪاڻي ۾
قُبو ڀانڊو ۽ ٿهيمن جا قُبا
شاهه بهارو
ميان الياس ۽ ميان شاهه علي (شاهل) ڪلهوڙي جا مقبرا
اڍاٽ، ڪانڌڙا، جهڪڙ ۽ خيرپور جُوسو
ڌاڙيلن جو خوني حملو
مُهين جو دڙو
مُهين جي دڙي وٽ سنڌو
مهين جي تباهي
ڌرتي ماتا
اينڪي ۽ نِن مهه جي ڪهاڻي
بهشت دلمون ڪيئن ٺهيو؟
مُهين جي دڙي بابت ڏند ڪٿائون
مُهين جي دڙي جا ڪنڀار
ويهڙ ڏانهن
مهاڻا درياهه تان لڏي ويا
ميان گاجي ديرو
وِيهڙ
اولهه وارا پراسرار جبل
لڪل خزاني جي واٽ
دانا ٽاورز
کيرٿر جو ن چوٽيون
مخدوم بلاول
درگاهه مخدوم بلاول
ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو
آبپاشي لاءِ هٿرادو واهه
گاجي شاهه - قديم واهيون
ڪافر ڪوٽ
سڪندر جو پڙاڏو
سيوهڻ
مي رقصم قلندر شهباز
ڇُٽو اُمراڻي
بودلو بهار ۽ هُنود ڪاسائي
يڪ ٿنڀي
لال باغ
نه ملاح نه مڪڙي
کيرٿر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گبر بند
نُڪو بٺي آثار
ڪائي ماٿري
جِنن جا گهر
نئگ ڏانهن
شاهه روهي
لنگم تي رت ڀيٽا
لکمير جي ماڙي
هتي نالو لکڻ سان بخار لهي ٿو
سنڌو کيرٿر ماٿري تهذيب
سيوهڻ کان اڳتي
لڪي
بهشت جي دري
تيرٿ ڌارا
بِزن جهڏو
آمري
سن
رني ڪوٽ
رني ڪوٽ بابت ڪجهه تجويزون
سنڌ: پنڊ پهڻن جي دنيا
سنڌ جا ٻيلا
هُڙيون
ڪچي جا ٻيلا
پڪي جا ٻيلا
وڏن ماڻهن سان سنڌوءَ جي جُٺ
حيدرآباد
حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي دلچسپي
شهر جون چاڙهيون
قديم آثار
گنجو ڏونگر گام
سياسي ماضي
مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون
مياڻيءَ واري جنگ کانپوءِ
ڪوٽڙي
جِهرڪَ
ميل ـ101
ماجيران جي ماڙي
ڪينجهر
ڪينجهر لڳ ٻيا قديم آثار
هيم ڪوٽ
سونڊا
سونڊا پتڻ
کبڙ پاتڻيءَ جون خبرون
ميربحر ڪير آهن؟
جهنڊو پاتڻي
ٺٽو
دبگير مسجد
مسجد خضري
شاهجهاني مسجد
ٺٽي جا پراڻا پاڙا
سريچند درٻار - فقير جو ڳوٺ
مڪلي
قديم مسجد
پير پٺي ۽ شاهه ڏاتار جي ڪٿا
پير پٺو ماڳ
ٻيڙيءَ جي مرمت ٿي وئي
خدا آباد
ڪلان ڪوٽ
سنڌ ۾ تيل ۽ گئس
قديم غارون
سنياسيءَ جي غار
جَت ۽ وَڳ
اُڏيرو مندر
جنگي سرڏانهن
درياهه ۽ کاريون
جنگي سر پتڻ جي اهميت
مانگر مڇ يا ويسر
ڊيلٽا ۾ ڦيرڦار
ڪيٽي بندر
ڳاڙهن چانورن جي پوک
ٻيا فصل
شڪارين جون تياريون
گهاتو ڪيئن گهارين؟
پورٽ قاسم ڏانهن
تِمر جا ٻيلا
ڊيلٽا ۾ فطرت جي دهشتگردي
بئراجن جي تعمير کان اڳ
جاکي بندر
رتوڪوٽ
ملاڪي ڪوٽ
درياهه پير ماڳ
ٿنڀن واري مسجد
وڏا هڏا
گُجو
سنڌ ۾ قديم ترين لکت
ٿرون ٽڪري
هاليجي
پکين جا رستا
ڀنڀور
موکي متارا
اوچتو ڦاٽ
سمنڊ ۽ ويرون
مهم جي پڄاڻي
چوکنڊي
سانڊي تان جنگ
بلوچ ٽومبس
ملير ماٿري
ڪراچيءَ جا ڪجهه ٻيا آثار
ريڙهي مياڻ
کديجي
منگهو پير
مورڙيو مانگر مڇ
پڄاڻي
حوالا
بُلهو کوسو ۽ بُـلهي جي بُـٺي


.....سنڌوءَ جو سفر موضوع جون وڌيڪ داخلائون