Bootstrap Example
ديري غازي خان ڏانهن : (ابڙو اڪيڊمي)

2020-06-19
داخلا نمبر 129
عنوان ديري غازي خان ڏانهن
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 1591
داخلا جو حوالو:

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

هن داخلا جون تصويرون نه مليون

ديري غازي خان ڏانهن جا بنياد
سنڌوءَ جو سفر / بدر ابڙو / ابڙو اڪيڊمي Abro Academy / علمي ادبي پورهيو /

ديري غازي خان ڏانهن - مان نڪتل ٻيون شاخون-

ديري غازي خان ڏانهن


شاخ سنڌوءَ جو سفر
ٽوٽل صفحا2
موجودہ صفحو0
اڳلو صفحو-0--1-گذريل صفحو

ديري غازي خان ڏانهن



ساڍي ڏهين لڳي ٻيڙين تونسه کان هيٺ چيلهه جيتري پاڻيءَ مان ديري غازي خان جي واٽ ڳولهڻ شروع ڪئي. ٻيڙين جي پنچرن جي مرمت، انجڻيون فٽ ٿيڻ، هوا ڀرڻ ۽ ناشتو ڪرڻ ۾ چڱي دير لڳي وئي. هميشه وانگر هن ناشتي کي به منجهند جي ماني تصور ڪري انصاف ڪيو ويو. اڄوڪو سفر ديري غازي خان جي سامهون درياهه جي اڀرندي ڪنڌيءَ تي غازي گهاٽ وٽ کٽندو.

ٻيڙيون اڳتي وڌيون ته چيلهه جيترو پاڻي وڌي مڙس جيڏو ٿي ويو. ٻه چار ميل اڳتي ويون ته ماڻهوءَ تار ٿي ويو. اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي.

”ڪالاباغ ۾ ويهن ايڪيهن سالن جي هڪ نوجوان سنڌوءَ تي هڪ عجيب تبصرو ڪيو هو.“ انور پيرزادي کي پاڻيءَ جي صورتحال تي هڪ رهجي ويل ڳالهه ياد آئي، ”نوجوان پئي چيو ته هن درياهه مان جيترا ڪئنال کوليا ويا آهن، جيڪڏهن ايترا ڪئنال دنيا جي ڪنهن به ٻئي درياهه مان کوٽجن ها ته اهي درياهه سڪي وڃن ها ...“

اها واقعي حيرت جي ڳالهه هئي ته بئراج وٽ وڏيون ٻيٽاريون هيون ۽ ائين ٿي لڳو ته اڳتي سُڪ هوندي. بئراج جا سڀ دروازا بند هئا سواءِ هڪ جي جيڪو پڻ ٿورڙو کليل هو پر اڳتي هلي درياهه جو پيٽ ايترو ويڪرو ٿي ويو، جو انور کي ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ چوڻو پيو:

”مَئي متي مهراڻ جو، نڪو آر نه پار ...“

ڪروڙ شريف کانپوءِ سنڌوءَ جو لاڙو سر ڏکڻ طرف آهي. ٿل جي واريءَ درياهه جيپاڻيءَ کي ڍُڪ ڀرڻ لائق نه ڇڏيو آهي. اڃا بئراج وٽ ڪجهه پاڻي صاف هو ڇاڪاڻ ته بئراج جي ڍنڍ ۾ واري ويهي رهي هئي. لٽ درياهه جي سونهن گهٽائي ڇڏي آهي. ٻنهي ڪنارن جي ويرانيءَ ته هيڪاري درياهه کي رڻ مان لنگهندڙ ۽ ٿڪل سڪندري فوج جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. مٿي نيرو آڪاس، ڪنڌيءَ کان وارياسين ڀِتين جي ڀڳل ٽٽل سرمائي ديوار ۽ پري اولهه ۾ هڪ اوتاهين جبل جو ڌنڌلو پاڇو. هيءُ اهو لاڳيتو منظر آهي جيڪو اسان کي ڪالاباغ کانپوءِ مليو آهي، جيڪو شايد گدوءَ تائين ساڳيو ئي رهندو. نظارن جي هڪجهڙائي بنهه ٿڪائي وجهي ها جيڪڏهن ڪنڌيءَ تي بيٺل ماڻهو ۽ ٻارڙا هنڌ هنڌ هٿ لوڏي ۽ واڪا ڪري نه کيڪارين ها. پر هيءُ ته وارياسو پٽ هو، اهڙيون کيڪارون ڪنهن ڪنهن مهل نصيب پيون ٿين. البت ڪنڌين تي يا ڪنڌين کان ڪجهه پر ڀرو قائم شهرن ۽ اتان ملندڙ عجيب غريب خبرن چارن اداس منظرن ۾ ڏاڍا سهڻا رنگ ٿي ڀريا. اهڙا رنگ جيڪي سنڌوءَ جا پنهنجا هئا، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ٻئي درياهه کي حاصل نه هوندا.

ڪريم ميمڻ هڪجهڙا منظر ڀري ڀري ٿڪجي پيو هو، پر جيئن ئي ڪو نئون منظر آڏو ٿي آيو، وڊيو ڪئمرا جو رخ اوڏانهن ڦري ٿي ويو. ٽيم ۾ شامل پراڻا مهم جُو چون ٿا ته ڪا به مهم شروع ٿيڻ وقت ٽيم تازي توانائي ۽ اسپرٽ ۾ هوندي آهي اهو سلسلو اڳتي برقرار نه رهندو آهي. هڪ همراهه چيو،

”پهرين ڏينهن وڏو شوق هوندو آهي، ٻئي ڏينهن به وڏو اتساهه هوندو آهي، ٽيون ڏينهن به ٺيڪ گذرندو آهي پر چوٿين ڏينهن کان ٿڪاوٽ جون جهلڪيون ظاهر ٿينديون آهن، پنجين ڏينهن سنهو ٿلهو تڪرار ٿيندو آهي ڇهين ڏينهن همراهه پِڙ ڪڍي بيهي رهندا آهن ستين ڏينهن هڪٻئي جي شڪل نه وڻندي آهي.“

پر اسان جي ٽيم ۾ اڃا تائين ٿڪاوٽ جو ڪو به آثار ظاهر نه ٿيو آهي. شايد اهو سنڌوءَ سان عشق جو مسئلو آهي. سڄي ساري ٽيم صبح جو ساڍي ڇهين کان رات جو يارهين لڳي تائين مصروف رهي ٿي. سفر به ڪو آرام ڏيندڙ ناهي. هڪ ٽيوب تي سفر ڪرڻ آهي. اگهاڙي فطرت ۾ ٻاويهن ڏينهن جو سفر ٿوري ڳالهه ناهي. گهٽ ۾ گهٽ ويجهي ماضيءَ تي سنڌوءَ ۾ ٻاويهه ڏينهن ڊگهي ڪا مهم ڪو نه هلي آهي. سڄي ڏينهن جي ٿڪائيندڙ سفر کان اڳ يا پوءِ ڪنڌيون يا شهر ڏسڻ، نوٽس ٺاهڻ، فلمبندي ڪرڻ ۽ انٽرويو ڪرڻ جو ڪم پاڻ کي ماري وجهڻ کان گهٽ ناهي. اڄ ته خير سان نائون ڏينهن هو. اڃا منزل پري آهي. ’نوري‘ ۽ ’مورڙو‘ ٻيڙيون ڏاڍي جفاڪشيءَ سان سڄو بار کنيو ڪاهي رهيون آهن. مورڙو ٿورو مڙس ماڻهو آهي، نوري ته هونئن ئي نماڻي آهي. ڊوڙ ۾ وري وري پوئتي رهجيو وڃي. مجبور ٿي مورڙي کي به پنهنجي رفتار ڍري ڪرڻي پوي ٿي. نيٺ به زال ذات کي اڪيلو ته ڇڏي نٿو سگهي.

سنڌوءَ جي پائيندڙ ٻنهي ڪنارن تي جاري آهي. هنڌ هنڌ ڀڪون ڪرڻ جو منظر ڏسجي ٿو. درياهه جي ڊيگهه ويڪر پنهنجي جاءِ تي گهڻي سهي پر ان جي گهرائي تمام گهٽ آهي. بس سِير آهي جنهن ۾ ايترو پاڻي آهي جو ان مان لانچ سولائيءَ سان تري ٿي. پر اها سير به هڪ ننڍو چئنل آهي. ٿورڙي ڀل چُڪ سان ئي ٻيڙيون وڃي تري سان لڳن ٿيون. حقيقت ته اها آهي ته سنڌو درياهه تراکڙي ميدان مان لنگهي رهيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجو سفر جاري رکڻ لاءِ ڌرتيءَ کي ڪوري چئنل ٺاهيو آهي. اهو چئنل نانگ جي ورن وڪڙن وانگر هڪ ڪنڌيءَ کان ٻي ڪنڌيءَ تي وڃي ٿو. ڪنڌين وٽ هيٺين ڪور گهڻي هئڻ ڪري ڪٿي ڪٿي اونهائي 15-20 فٽن کي پهچي ٿي، نه ته پاڻي ٻه چار فٽ به ناهي.

ان هنڌ پاڻي ڪجهه اونهو هو جو اتي ٻلهڻون موجود هيون. هڪ ٻلهڻ درياهه جي سطح تي اڀري ٽپو ڏنو ۽ پوءِ ڊگهي گُهت هڻي هيٺ هلي وئي. ٻلهڻ کي شايد انجڻين جي آواز ڇرڪائي وڌو هو. اسان گهڻي وقت تائين درياهه جي سطح تي اکيون ڦيرائيندا رهياسين، ڪريم ميمڻ ڪئمرا جو فوڪس ويڪرو ڪري ٻلهڻ جو ٽپو محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪا مهل بيٺو رهيو پر ٻلهڻ وري ظاهر نه ٿي. ڪالاباغ کان وٺي هيستائين هيءُ ٽيون چوٿون ڀيرو هو جو ٻلهڻ ظاهر ٿي هئي. اها سيڪنڊن جي ڳالهه آهي، ڪا به ٻلهڻ يا ٻي مڇي رواجي ٽپي مهل ٻن ٽن سيڪنڊن ۾ وري گم ٿيو وڃي.

سنڌوءَ جي پکڙيل وهڪري جو هڪ فائدو اهو آهي جو اهو پرديسي پکين کي پري کان نظر اچي ٿو. سياري منهن ڪڍيو آهي. لاڏائو پکين جا پهريان قافلا سنڌوءَ جي وسيع تراکڙي پيٽ تي لهي چڪا آهن. گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان پکين جا ولر بار بار نظر اچن ٿا پر انهن ۾ مقامي پکين جا ولر به آهن. پرديسي پکي جيڪي انسان جي ٺاهيل سياسي سرحدن کي ڪو نه مڃين، الپس جبل جون چوٽيون ۽ هماليه جي الهندي قطار ٽپي سنڌوءَ تي تڙڳڻ لاءِ پهتا آهن. انهن مان ڪيترا جيئرا سلامت وري پنهنجن ڪکن ڏانهن موٽندا؟ اهو سندن نصيب آهي. ويچارا ساهه تريءَ تي کڻي سنڌوءَ جو پاڻي پيئڻ اچن ٿا پر ماري ميرا ڪپڙا ۽ بغل ۾ بندوق کڻي انهن جي ڪڍ ڪاهيو پون.

سنڌوءَ تي ڪونجن جون قطارون، انهن جي ڪڻڪار، بدڪون ۽ انهن جي من لڀائيندڙ ترڻي، سنڌوءَ جي سونهن جا اضافي رنگ آهن. هڪ سرخاب (مُنگهه، للو هنج)(Brahminy Duck) ٻيڙين کي ڏسي ڀر واري ٻيٽاريءَ تان پر ڦڙڪائي پرتي اڏامي ويو. سرخاب ڏسي سڀني کي مايوسي ٿي، هيءُ ڪو ايترو سهڻو پکي ته ڪو نه هو جو ان کي تشبيهه ۾ ڪم آڻجي. تشبيهه ۾ چون، ”توکي وري ڪهڙا سرخاب جا پر لڳل آهن؟“ سرخاب جي پرن ۾ ٻي ڪا خاص ڳالهه ڪو نه هئي. سواءِ




ٽوٽل صفحا2
موجودہ صفحو0
اڳيون صفحو-0--1-گذريل صفحو

ديري غازي خان ڏانهن ھنن داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
ديري غازي خان ڏانهن
سنڌوءَ جو سفر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
پبلشر پاران
ليکڪ پاران : سنڌوءَ جو سفر
سنڌوءَ جي زندگي ۽ موت جو سُوال
اسڪائي ليڪس جي نقش قدم تي
سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ
سنڌو ندي شروع ڪٿان ٿئي ٿي؟
سنڌو طاس
سنڌو طاس ٺاهه
رگ ويِد ۾ سنڌو
سنڌو مهم ۾ شرڪت
آديسي اڄ مر سڀان مرندو سڀڪو
ٽيڪسيلا
سڪندر اعظم
ڪئمپ ڏانهن
ڪابل نديءَ جي ڪنڌيءَ تي
گليشئر جي هاڃا
اٽڪ وٽ سنڌو
اٽڪ قلعو
اٽڪ پُل
نيرن نيڻن واري ۽ چانديءَ روپ مست
پوٺوهار
غازي گهڙيالا پروجيڪٽ
پاور ڪامپليڪس
پوٺو هار جا ڪجهه درويش
خوشحال ڳڙهه
سنڌوءَ جا خوفناڪ لنگهه
جبلن ۾ ڦاٿل سنڌو
نوري پِير ۽ جوڳي
گهوڙا تڙپ
سوڪڙيان
طوطي خان کان انٽرويو
خوشحال ڳڙهه کان اڳتي
عزيز شڪاريءَ جي قبر
ست سهيليون
ٻيو وڏو وڪڙ
مکڊ شريف
سنڌوءَ ۾ سون
سوان ندي
ڪالاباغ ڏانهن
ڪالاباغ بند
ڪالاباغ بند- ڪجهه تفصيل
ڪالاباغ بند ٺاهڻ جا مقصد
فني جوڙجڪ
بند ڪيئن ٺهندو؟
جبلن جي صورتحال
پٺاڻن کي اعتراض جا سبب
ڪالاباغ شهر
جناح بئراج
ڪالاباغ کان چشمه تائين
ڪيل
دراوڙ
ڪيل بستيءَ کان اڳتي
بوٽ لاڪ
بلوٽ شريف
بلوٽ جي اصل ڪهاڻي
چشمه بئراج ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال
بئراج تي
ڪلور ڪوٽ
درياخان ڏانهن
دريا خان ۾
ديرو اسماعيل خان
آلودگي
طوطي خان سان ڪچهري
رحمان ٺيڙهي
رولاڪ افغان قبيلو
ڊي-آءِ خان شهر جو چڪر
ڪروڙ شريف ڏانهن
هڪ ڳوٺ-نوتڪ
ڪروڙ شريف
ليهّ پتڻ تي
نئون ڏينهن
تونسه بئراج
تونسه شريف پير پٺاڻ
بئراج ڏانهن واپسي
زندهه پير
ديري غازي خان ڏانهن
ديرو غازي خان شهر
تاريخ جاگرافي
موسم
قديم علاج
شهر جو ماضي
قديم مندر ۽ مسجدون
سياسي ڇڪتاڻ
نئون سج
ٻيڙي ناهي ته به پرواهه ناهي
ٻار لنگهيائون ٻاجهه سين
ڄام پور وٽ ٻيڙين جي پُل
ڄام پور
ڄام پور جي تاريخ
ڄام جادم جکرو
دلوراءِ جي ٺيڙهه
هرڻاڪس يا هَڙند؟
سنڌو ماٿريءَ ۾ ديوتائن سان جنگ
ورتر اَسر ۽ اِندر جي جنگ
ڪارو پاڻي
ڄام پور جي سياسي ۽ سماجي حالت
مولانا عبيدالله سنڌي رحه
گهاڙِي والا
مٺڻ ڪوٽ ڏانهن
ڌٻڻ ۾
پتڻ تي حال احوال
درگاهه بابا فريد
شهر مٺڻ ڪوٽ
عمرڪوٽ کان اوڀر ۾ هُن پار
ڪشمور
گرنٿ صاحب جو درشن
سک مت
گرونانڪ
گرونانڪ - هڪ فنڪار
گڊو بئراج
سنڌ جي گم ٿيل ندي
ستلج جو وهڪرو
سنڌوءَ جا قديم وهڪرا
گهاڙ
مهراڻ
وهڪرا ۽ انهن جا زمانا
سنڌوءَ جي لاهِي
درياهه ۽ زمين جي سطح
گڊو بئراج تي حادثو
ماڇڪو - سنڌ ۾ پنجاب جو ٻيٽ
ڪنڌڪوٽ ۾
ٽوڙي بنگلي ۾
دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو
ماٿيلو
مومل ۽ ڀينرون
شڪارپور
عجيب اطلاع
سکر
عجيب ٽڪريون
لب مهراڻ تي آجيان
اسوريا جي راڻي
ڏهاڳڻ سهاڳڻ
اروڙ
ڪالڪان غار
اروڙ ۾ هڪ ٻي غار
نَينهن ٽڪر
سکر ۽ بکر جي تاريخ
خواجه خضر جو آستانو
ساڌ ٻيلو
سَتين جو آستان
روهڙي
وار مبارڪ
پتن جي ماڙي
معصوم شاهه جو منارو
آدم شاهه جو مقبرو
سکر پتڻ
مسجد منزل گاهه
لئنسڊائون پُل
ايوب پُل
سکر بئراج
ٽالپر
نوشهرو فيروز
ڪوٽ ڏيجي
مٿي جو سور لاهيندڙ پير - شادي شهيد
راڪاس جو روڻو
خيرپور ضلعي ۾ درگاهن پويان ڏندڪٿائون
ابراهيم اڌم جي ڏند ڪٿا
آستانو ابراهيم اڌم بلخي
هرڻيءَ جو کير
هنو
شيطان
خيرپور ضلعي ۾ موجود اولهه - اوڀر قبرون
ٻيا پير ۽ قبرون
سيد حسين شاهه بخاري
سيد ڇتن شاهه
لونگ فقير
پير مشائخ مهيسر يا مهيسر مشائخ
سلطان اڌم ڪٿا جو ٻيو حصو
خيرپور ۾ کجي
کجيءَ جو پرڏيهي واپار
فيصلي جي گهڙي
سکر کان لاڙڪاڻي ڏانهن
لاڙڪاڻي ۾
قُبو ڀانڊو ۽ ٿهيمن جا قُبا
شاهه بهارو
ميان الياس ۽ ميان شاهه علي (شاهل) ڪلهوڙي جا مقبرا
اڍاٽ، ڪانڌڙا، جهڪڙ ۽ خيرپور جُوسو
ڌاڙيلن جو خوني حملو
مُهين جو دڙو
مُهين جي دڙي وٽ سنڌو
مهين جي تباهي
ڌرتي ماتا
اينڪي ۽ نِن مهه جي ڪهاڻي
بهشت دلمون ڪيئن ٺهيو؟
مُهين جي دڙي بابت ڏند ڪٿائون
مُهين جي دڙي جا ڪنڀار
ويهڙ ڏانهن
مهاڻا درياهه تان لڏي ويا
ميان گاجي ديرو
وِيهڙ
اولهه وارا پراسرار جبل
لڪل خزاني جي واٽ
دانا ٽاورز
کيرٿر جو ن چوٽيون
مخدوم بلاول
درگاهه مخدوم بلاول
ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو
آبپاشي لاءِ هٿرادو واهه
گاجي شاهه - قديم واهيون
ڪافر ڪوٽ
سڪندر جو پڙاڏو
سيوهڻ
مي رقصم قلندر شهباز
ڇُٽو اُمراڻي
بودلو بهار ۽ هُنود ڪاسائي
يڪ ٿنڀي
لال باغ
نه ملاح نه مڪڙي
کيرٿر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گبر بند
نُڪو بٺي آثار
ڪائي ماٿري
جِنن جا گهر
نئگ ڏانهن
شاهه روهي
لنگم تي رت ڀيٽا
لکمير جي ماڙي
هتي نالو لکڻ سان بخار لهي ٿو
سنڌو کيرٿر ماٿري تهذيب
سيوهڻ کان اڳتي
لڪي
بهشت جي دري
تيرٿ ڌارا
بِزن جهڏو
آمري
سن
رني ڪوٽ
رني ڪوٽ بابت ڪجهه تجويزون
سنڌ: پنڊ پهڻن جي دنيا
سنڌ جا ٻيلا
هُڙيون
ڪچي جا ٻيلا
پڪي جا ٻيلا
وڏن ماڻهن سان سنڌوءَ جي جُٺ
حيدرآباد
حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي دلچسپي
شهر جون چاڙهيون
قديم آثار
گنجو ڏونگر گام
سياسي ماضي
مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون
مياڻيءَ واري جنگ کانپوءِ
ڪوٽڙي
جِهرڪَ
ميل ـ101
ماجيران جي ماڙي
ڪينجهر
ڪينجهر لڳ ٻيا قديم آثار
هيم ڪوٽ
سونڊا
سونڊا پتڻ
کبڙ پاتڻيءَ جون خبرون
ميربحر ڪير آهن؟
جهنڊو پاتڻي
ٺٽو
دبگير مسجد
مسجد خضري
شاهجهاني مسجد
ٺٽي جا پراڻا پاڙا
سريچند درٻار - فقير جو ڳوٺ
مڪلي
قديم مسجد
پير پٺي ۽ شاهه ڏاتار جي ڪٿا
پير پٺو ماڳ
ٻيڙيءَ جي مرمت ٿي وئي
خدا آباد
ڪلان ڪوٽ
سنڌ ۾ تيل ۽ گئس
قديم غارون
سنياسيءَ جي غار
جَت ۽ وَڳ
اُڏيرو مندر
جنگي سرڏانهن
درياهه ۽ کاريون
جنگي سر پتڻ جي اهميت
مانگر مڇ يا ويسر
ڊيلٽا ۾ ڦيرڦار
ڪيٽي بندر
ڳاڙهن چانورن جي پوک
ٻيا فصل
شڪارين جون تياريون
گهاتو ڪيئن گهارين؟
پورٽ قاسم ڏانهن
تِمر جا ٻيلا
ڊيلٽا ۾ فطرت جي دهشتگردي
بئراجن جي تعمير کان اڳ
جاکي بندر
رتوڪوٽ
ملاڪي ڪوٽ
درياهه پير ماڳ
ٿنڀن واري مسجد
وڏا هڏا
گُجو
سنڌ ۾ قديم ترين لکت
ٿرون ٽڪري
هاليجي
پکين جا رستا
ڀنڀور
موکي متارا
اوچتو ڦاٽ
سمنڊ ۽ ويرون
مهم جي پڄاڻي
چوکنڊي
سانڊي تان جنگ
بلوچ ٽومبس
ملير ماٿري
ڪراچيءَ جا ڪجهه ٻيا آثار
ريڙهي مياڻ
کديجي
منگهو پير
مورڙيو مانگر مڇ
پڄاڻي
حوالا
بُلهو کوسو ۽ بُـلهي جي بُـٺي


.....سنڌوءَ جو سفر موضوع جون وڌيڪ داخلائون