Bootstrap Example
سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ : (ابڙو اڪيڊمي)

2020-06-17
داخلا نمبر 58
عنوان سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 1344
داخلا جو حوالو:

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سنڌو ندي سنڌو درياءُ جو نقشو

سنڌو ندي سنڌو درياءُ جو نقشو

سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ جا بنياد
سنڌوءَ جو سفر / بدر ابڙو / ابڙو اڪيڊمي Abro Academy / علمي ادبي پورهيو /

سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ - مان نڪتل ٻيون شاخون-

سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ


شاخ سنڌوءَ جو سفر
ٽوٽل صفحا2
موجودہ صفحو0
اڳلو صفحو-0--1-گذريل صفحو

سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ



سنڌوءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ ۽ ڪڏهن پيو؟ شايد ئي ڪو محقق ان جو پورو جواب ڏيئي سگهي، پر ائين ٿو لڳي ته اهو نالو تڏهن پيو جڏهن، سنڌو ماٿريءَ جون ٻوليون اڃا ابتدائي ۽ ارتقائي مرحلن مان لنگهي رهيون هيون. ان کان اڳ جو سنڌوءَ جي ڪنارن تي پکڙيل زندگي ۽ حالتن جو احوال لکجي، اهو ڏسڻو پوي ٿو ته سنڌوءَ جي وهڪري جو رخ ۽ جاگرافيائي صورتحال ڪهڙي آهي.

سنڌوءَ جو بُنجو مانسرور يا مانسر ڍنڍ کي سمجهيو ويندو رهيو آهي، پر اها اڃا به اتر کان شروع ٿئي ٿي. سَر يا سَرور جي معنيٰ آهي تلاءُ، ڍنڍ يا پاڻي. اهو لفظ سنڌيءَ ۾ به جيئن جو تيئن استعمال ٿئي ٿو. مثال طور: ڀوڏيسر، انچليا سر، نبي سر يا وري ڇر يا جر طور استعمال ٿئي ٿو: جيئن منڇر يا ڪينجهر!’منڇر‘ جو لفظ ته هوبهو منسر يا مانسر يا مانسرور آهي. ڇا مانسر ڍنڍ تان منڇر تي اهو نالو پيو يا منڇر تان اهو نالو مانسر تي پيو؟ اهو برابر آهي ته هندن جي پستڪن ۾ مانسر ڍنڍ جو نالو پوتر علائقن طور استعمال ٿيڻ ڪري ملڪان ملڪ مشهور ٿيو آهي پر اها به حقيقت آهي ته منڇر ڍنڍ ايشيا ۾ مٺي پاڻي جي وڏي ۾ وڏي قدرتي ڍنڍ سمجهي ويندي آهي ۽ منڇر فقط هڪ ڍنڍ نه پر هڪ تهذيب آهي. ڇا منڇر ۽ مانسر جي وچ ۾ ڪو رابطويا تعلق آهي؟ هائو، سڀ کان وڏو تعلق ته خود سنڌو ندي آهي، جيڪا مانسرور جي ڀرپاسي کان هڪ هنڌان پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي.

سنڌو ندي، هماليه جي اوچن پهاڙن کان ٿيندي جڏهن اٽڪ وٽ پهچي ٿي ته سڄي هندستان جي تاريخ جو اهم موڙ بڻجي وڃي ٿي. اتي ڪابل ندي اولهه کان اوڀر طرف وهي، اٽڪ واري عظيم سنڌو وهڪري ۾ ملي وڃي ٿي. سنڌو ندي ان هنڌ کان ڏکڻ طرف وڌي ڪجهه ڪجهه اولهه رخ ۾ ور وڪڙ کائيندي جبلن مان واٽ ٺاهي، ڪالاباغ وٽان آخري جابلو ڍوري مان جند ڇڏائي، پنجاب جي الهندي سرحد وٽ، ٿل ريگستان ۽ سليمان جبل جي دامن مان واٽ ڪوري سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. ۽ نيٺ ٺٽي کانپوءِ ڊيلٽا ٺاهي سمنڊ ۾ لهي وڃي ٿي. ان ريت سنڌوءَ جا ٽي جاگرافيائي رخ آهن: پهريون جابلو جيڪو ڪالاباغ تي ختم ٿئي ٿو، ٻيو ميداني ۽ ريگستاني جيڪو ٺٽي جي لڳ ڀڳ ختم ٿئي ٿو ۽ چوٿون ٺٽي، بدين ۽ ڪراچيءَ جي سامونڊي کارين تي ٻڌل کارين وارو علائقو آهي. سنڌوءَ جو ڊيلٽا وري ٽن حصن ۾ ورهايل آهي جنهن تي اڳتي لکبو.

اٽڪ واري ماڳ جي جاگرافيائي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان هڻي سگهجي ٿو ته خيبر لڪ واري واٽ اڳتي وڌي اوڀر ۾ ڪابل نديءَ جي ڪناري ڪناري اٽڪ تائين پهچي ٿي. جتان سنڌو درياهه ٽپي پنجاب، سنڌ يا باقي سڄي اپکنڊ ڏانهن هلائون ٿينديون رهيون. اڄ ڪلهه هتي هڪ مضبوط پل به آهي جيڪا ريل کي ٽپائي ٿي. ٻي پل ٽريفڪ لاءِ آهي. هتي پاڻيءَ جو شديد وهڪرو آهي. پر ياد رکڻ گهرجي ته آڳاٽي وقت ۾ سنڌو ٽپڻ جو سڀ کان مکيه ذريعو ٻيڙيون هو. حملو ڪندڙ ماڻهو فقط گهوڙن جي پٺن تي چڙهي. اگهاڙيون ترارون اُلاريندا ڪونه ايندا هئا. ڇاڪاڻ ته خود ڪابل نديءَ جو هيٺيون حصو جهاز رانيءَ جي قابل هو تنهنڪري هلان ڪندڙ لشڪر، ٻيڙا استعمال ڪندا رهيا آهن، ظاهر آهي ته ٻيڙيءَ جو استعمال درياهه جي ڪنارن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏي ٿو.

اٽڪ واري ماڳ جي اهميت جو اندازو ان مان به هڻي سگهجي ٿو ته، ان هنڌ اڪبر اعظم جي وقت ۾ هڪ تمام طاقتور قلعو قائم ڪيو ويو هو، جيڪو ان اهم درياهي لنگهه تي سخت نظر رکي ويٺو رهيو. اڄ ڏينهن تائين اهو قلعو قائم آهي ۽ فوجي اهميت هئڻ سبب ڪمانڊوز جو هيڊڪوارٽر آهي.

اسان به پنهنجيون رٻڙ جون ٻيڙيون ڪابل نديءَ جي ان حصي ۾ لاٿيون جيڪو سنڌوءَ ۾ ڇوڙ جي ويجهو هو. اهوئي رستو حضرت عيسيٰ کان اڳ واري دور ۾ دارا اول، سائرس اعظم ۽ سڪندر اعظم جي چوڻ تي سروي ٿيو.

ڪابل نديءَ يا ماٿريءَ جو علائقو پاڪستان جي اترئين سرحدي صوبي ۽ افغانستان ۾ پکڙيل آهي، جنهن ۾ پشتون ۽ افغان آباديون گهڻائيءَ ۾ آهن. تاريخ ۾ هميشه اهو سوال دلچسپيءَ سان ڏٺو ويو آهي ته آخر افغان ۽ پشتون نسل ۾ فرق ڪهڙو آهي ۽ انهن جو بنيادي قبيلو ۽ اصل ڪهڙو آهي؟ ساڳيو سوال سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومن بابت به اٿي سگهي ٿو ته آخر سنڌوءَ جا ڪنارا سڀ کان پهرين ڪنهن وسايا ۽ اڄ اهي قوتون ڪٿي بيٺيون آهن؟ هن موقعي تي اينٿرو پالاجيءَ جي ماهرن لاءِ بحث ڇيڙڻ خاطر اهو سوال رکي سگهجي ٿو ته پشتون ۽ افغان نسل جي ساڳئي بڻ بڻياد وانگر ڪٿي سنڌي سرائيڪي ۽ هندڪو قومن جو بنيادي نسل ساڳيو ته ناهي؟ حقيقت ۾ ان سوال جي حق ۾ ڪيئي دليل آهن، جن تي اڳتي هلي بحث ٿيندو، پر سوچڻ جي ڳالهه فقط اها بيهي ٿي ته نيٺ پنجاب، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وارين قومن جو بڻ بڻياد ڇا هي؟ ڇا اهي قومون به ڪنهن وقت ۾ موهين دڙي جي تهذيب سان ڳنڍيل هيون؟يا اهي به اُتر ۽ اولهه کان آيل قبيلن جو بدلجي ويل روپ آهن؟

ڪابل نديءَ واري وادي ئي اصل ۾ اهو تاريخي رستو آهي جتان، جڏهن تڏهن خونخوار قبيلا ۽ لشڪر سنڌو ماٿري ۽ گنگا جمنا جي ماٿرين تي قبضن ۽ شهنشاهتون قائم ڪرڻ لاءِ حملا ڪندا رهيا آهن. شايد ان ڪري ئي سنڌ ۾ اهو پهاڪو ٺهيو آهي ته ”جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌارؤن جوکو!“ سنڌ تي سچ پچ به اولهه ۽ اتر کان فقط خيبر لڪ، بولان ۽ مُولا لڪ کان ئي هلائون ٿينديون رهيون آهن.

پر حقيقت اها آهي ته سنڌو ماٿريءَ ڏانهن وڌڻ مهل سڀ کان وڏي مزاحمت، خيبر لڪ ۾ رهندڙ پشتون لوڪن ڪئي آهي. پرڏيهي لشڪر جابلو لڪن مان تباهيون مچائيندا لنگهندا رهيا آهن، بالڪل ائين جيئن جابلو نالا اوچين برساتن ۾ ڀرجي ٻوڙان ٻوڙ ڪندا آهن. خيبر لڪ جي ماڻهن اهڙين ٻوڏن ۾ ڪيڏو نقصان کاڌو هوندو؟ سو تصور ڪري سگهجي ٿو. بدقسمتيءَ سان پٺاڻن جي تاريخ تي اڃا ڪو خاص ڪم نه ٿيو آهي پر اهو سچ آهي ته پٺاڻن وڏيون مزاحمتون ڪيون ۽ هڪ طرح سنڌ جي پاران وڙهيا، انهن جا ڪيئي جوان انهن لڙاين ۾ مارجي ويا ۽ نسلن تائين مارجندا رهيا. پٺاڻن جو اصل حسب نسب کڻي ڪهڙو به هجي پر حقيقت اها آهي ته انهن سڄي اپکنڊ لاءِ، لاشعوري طور محافظن وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.

جبل تي ماڻهن جي زندگي سخت هوندي آهي، ان ڪري خاص طور خيبر لڪ توڙي مختلف لڪن تي رهندڙ ماڻهو به جانٺا ۽ جنگجو رهيا آهن. انهن مان ڪن جنگجو ۽ مهم جُو پٺاڻن ۽ افغانن، سنڌ سان به جٺيون ڪيون پر انهن حملن لاءِ سڀني پٺاڻن کي ذميوار قرار ڏيئي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ پٺاڻن جي اڪثريت سنڌوءَ جي ڪناري نٿي رهي، ان جي باوجود، ڇاڪاڻ ته ڪابل نديءَ جو وهڪرو سنڌوءَ ۾ پوي ٿو تنهن ڪري سنڌو ماٿريءَ ۾ پشتون افغان اثر آهي. قومن ۽ تهذيبن جا سياسي اثر به پاڻيءَ جي رخ، وهڪرن ۽ مقدار موجب اثرانداز ٿيندا آهن. اتر سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو به، پوءِ انهن جي ٻولي ۽ لهجو کڻي ڪهڙو به هجي، ڏکڻ سنڌو ماٿري جي ماڻهن وانگر فطرت کان ڊنل آهن، ان ڪري انهن جي زندگي به عقيدن، ڏند ڪٿائن ۽ قصن جي گهڻائيءَ




ٽوٽل صفحا2
موجودہ صفحو0
اڳيون صفحو-0--1-گذريل صفحو

سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ ھنن داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ
سنڌوءَ جو سفر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
پبلشر پاران
ليکڪ پاران : سنڌوءَ جو سفر
سنڌوءَ جي زندگي ۽ موت جو سُوال
اسڪائي ليڪس جي نقش قدم تي
سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ
سنڌو ندي شروع ڪٿان ٿئي ٿي؟
سنڌو طاس
سنڌو طاس ٺاهه
رگ ويِد ۾ سنڌو
سنڌو مهم ۾ شرڪت
آديسي اڄ مر سڀان مرندو سڀڪو
ٽيڪسيلا
سڪندر اعظم
ڪئمپ ڏانهن
ڪابل نديءَ جي ڪنڌيءَ تي
گليشئر جي هاڃا
اٽڪ وٽ سنڌو
اٽڪ قلعو
اٽڪ پُل
نيرن نيڻن واري ۽ چانديءَ روپ مست
پوٺوهار
غازي گهڙيالا پروجيڪٽ
پاور ڪامپليڪس
پوٺو هار جا ڪجهه درويش
خوشحال ڳڙهه
سنڌوءَ جا خوفناڪ لنگهه
جبلن ۾ ڦاٿل سنڌو
نوري پِير ۽ جوڳي
گهوڙا تڙپ
سوڪڙيان
طوطي خان کان انٽرويو
خوشحال ڳڙهه کان اڳتي
عزيز شڪاريءَ جي قبر
ست سهيليون
ٻيو وڏو وڪڙ
مکڊ شريف
سنڌوءَ ۾ سون
سوان ندي
ڪالاباغ ڏانهن
ڪالاباغ بند
ڪالاباغ بند- ڪجهه تفصيل
ڪالاباغ بند ٺاهڻ جا مقصد
فني جوڙجڪ
بند ڪيئن ٺهندو؟
جبلن جي صورتحال
پٺاڻن کي اعتراض جا سبب
ڪالاباغ شهر
جناح بئراج
ڪالاباغ کان چشمه تائين
ڪيل
دراوڙ
ڪيل بستيءَ کان اڳتي
بوٽ لاڪ
بلوٽ شريف
بلوٽ جي اصل ڪهاڻي
چشمه بئراج ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال
بئراج تي
ڪلور ڪوٽ
درياخان ڏانهن
دريا خان ۾
ديرو اسماعيل خان
آلودگي
طوطي خان سان ڪچهري
رحمان ٺيڙهي
رولاڪ افغان قبيلو
ڊي-آءِ خان شهر جو چڪر
ڪروڙ شريف ڏانهن
هڪ ڳوٺ-نوتڪ
ڪروڙ شريف
ليهّ پتڻ تي
نئون ڏينهن
تونسه بئراج
تونسه شريف پير پٺاڻ
بئراج ڏانهن واپسي
زندهه پير
ديري غازي خان ڏانهن
ديرو غازي خان شهر
تاريخ جاگرافي
موسم
قديم علاج
شهر جو ماضي
قديم مندر ۽ مسجدون
سياسي ڇڪتاڻ
نئون سج
ٻيڙي ناهي ته به پرواهه ناهي
ٻار لنگهيائون ٻاجهه سين
ڄام پور وٽ ٻيڙين جي پُل
ڄام پور
ڄام پور جي تاريخ
ڄام جادم جکرو
دلوراءِ جي ٺيڙهه
هرڻاڪس يا هَڙند؟
سنڌو ماٿريءَ ۾ ديوتائن سان جنگ
ورتر اَسر ۽ اِندر جي جنگ
ڪارو پاڻي
ڄام پور جي سياسي ۽ سماجي حالت
مولانا عبيدالله سنڌي رحه
گهاڙِي والا
مٺڻ ڪوٽ ڏانهن
ڌٻڻ ۾
پتڻ تي حال احوال
درگاهه بابا فريد
شهر مٺڻ ڪوٽ
عمرڪوٽ کان اوڀر ۾ هُن پار
ڪشمور
گرنٿ صاحب جو درشن
سک مت
گرونانڪ
گرونانڪ - هڪ فنڪار
گڊو بئراج
سنڌ جي گم ٿيل ندي
ستلج جو وهڪرو
سنڌوءَ جا قديم وهڪرا
گهاڙ
مهراڻ
وهڪرا ۽ انهن جا زمانا
سنڌوءَ جي لاهِي
درياهه ۽ زمين جي سطح
گڊو بئراج تي حادثو
ماڇڪو - سنڌ ۾ پنجاب جو ٻيٽ
ڪنڌڪوٽ ۾
ٽوڙي بنگلي ۾
دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو
ماٿيلو
مومل ۽ ڀينرون
شڪارپور
عجيب اطلاع
سکر
عجيب ٽڪريون
لب مهراڻ تي آجيان
اسوريا جي راڻي
ڏهاڳڻ سهاڳڻ
اروڙ
ڪالڪان غار
اروڙ ۾ هڪ ٻي غار
نَينهن ٽڪر
سکر ۽ بکر جي تاريخ
خواجه خضر جو آستانو
ساڌ ٻيلو
سَتين جو آستان
روهڙي
وار مبارڪ
پتن جي ماڙي
معصوم شاهه جو منارو
آدم شاهه جو مقبرو
سکر پتڻ
مسجد منزل گاهه
لئنسڊائون پُل
ايوب پُل
سکر بئراج
ٽالپر
نوشهرو فيروز
ڪوٽ ڏيجي
مٿي جو سور لاهيندڙ پير - شادي شهيد
راڪاس جو روڻو
خيرپور ضلعي ۾ درگاهن پويان ڏندڪٿائون
ابراهيم اڌم جي ڏند ڪٿا
آستانو ابراهيم اڌم بلخي
هرڻيءَ جو کير
هنو
شيطان
خيرپور ضلعي ۾ موجود اولهه - اوڀر قبرون
ٻيا پير ۽ قبرون
سيد حسين شاهه بخاري
سيد ڇتن شاهه
لونگ فقير
پير مشائخ مهيسر يا مهيسر مشائخ
سلطان اڌم ڪٿا جو ٻيو حصو
خيرپور ۾ کجي
کجيءَ جو پرڏيهي واپار
فيصلي جي گهڙي
سکر کان لاڙڪاڻي ڏانهن
لاڙڪاڻي ۾
قُبو ڀانڊو ۽ ٿهيمن جا قُبا
شاهه بهارو
ميان الياس ۽ ميان شاهه علي (شاهل) ڪلهوڙي جا مقبرا
اڍاٽ، ڪانڌڙا، جهڪڙ ۽ خيرپور جُوسو
ڌاڙيلن جو خوني حملو
مُهين جو دڙو
مُهين جي دڙي وٽ سنڌو
مهين جي تباهي
ڌرتي ماتا
اينڪي ۽ نِن مهه جي ڪهاڻي
بهشت دلمون ڪيئن ٺهيو؟
مُهين جي دڙي بابت ڏند ڪٿائون
مُهين جي دڙي جا ڪنڀار
ويهڙ ڏانهن
مهاڻا درياهه تان لڏي ويا
ميان گاجي ديرو
وِيهڙ
اولهه وارا پراسرار جبل
لڪل خزاني جي واٽ
دانا ٽاورز
کيرٿر جو ن چوٽيون
مخدوم بلاول
درگاهه مخدوم بلاول
ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو
آبپاشي لاءِ هٿرادو واهه
گاجي شاهه - قديم واهيون
ڪافر ڪوٽ
سڪندر جو پڙاڏو
سيوهڻ
مي رقصم قلندر شهباز
ڇُٽو اُمراڻي
بودلو بهار ۽ هُنود ڪاسائي
يڪ ٿنڀي
لال باغ
نه ملاح نه مڪڙي
کيرٿر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گبر بند
نُڪو بٺي آثار
ڪائي ماٿري
جِنن جا گهر
نئگ ڏانهن
شاهه روهي
لنگم تي رت ڀيٽا
لکمير جي ماڙي
هتي نالو لکڻ سان بخار لهي ٿو
سنڌو کيرٿر ماٿري تهذيب
سيوهڻ کان اڳتي
لڪي
بهشت جي دري
تيرٿ ڌارا
بِزن جهڏو
آمري
سن
رني ڪوٽ
رني ڪوٽ بابت ڪجهه تجويزون
سنڌ: پنڊ پهڻن جي دنيا
سنڌ جا ٻيلا
هُڙيون
ڪچي جا ٻيلا
پڪي جا ٻيلا
وڏن ماڻهن سان سنڌوءَ جي جُٺ
حيدرآباد
حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي دلچسپي
شهر جون چاڙهيون
قديم آثار
گنجو ڏونگر گام
سياسي ماضي
مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون
مياڻيءَ واري جنگ کانپوءِ
ڪوٽڙي
جِهرڪَ
ميل ـ101
ماجيران جي ماڙي
ڪينجهر
ڪينجهر لڳ ٻيا قديم آثار
هيم ڪوٽ
سونڊا
سونڊا پتڻ
کبڙ پاتڻيءَ جون خبرون
ميربحر ڪير آهن؟
جهنڊو پاتڻي
ٺٽو
دبگير مسجد
مسجد خضري
شاهجهاني مسجد
ٺٽي جا پراڻا پاڙا
سريچند درٻار - فقير جو ڳوٺ
مڪلي
قديم مسجد
پير پٺي ۽ شاهه ڏاتار جي ڪٿا
پير پٺو ماڳ
ٻيڙيءَ جي مرمت ٿي وئي
خدا آباد
ڪلان ڪوٽ
سنڌ ۾ تيل ۽ گئس
قديم غارون
سنياسيءَ جي غار
جَت ۽ وَڳ
اُڏيرو مندر
جنگي سرڏانهن
درياهه ۽ کاريون
جنگي سر پتڻ جي اهميت
مانگر مڇ يا ويسر
ڊيلٽا ۾ ڦيرڦار
ڪيٽي بندر
ڳاڙهن چانورن جي پوک
ٻيا فصل
شڪارين جون تياريون
گهاتو ڪيئن گهارين؟
پورٽ قاسم ڏانهن
تِمر جا ٻيلا
ڊيلٽا ۾ فطرت جي دهشتگردي
بئراجن جي تعمير کان اڳ
جاکي بندر
رتوڪوٽ
ملاڪي ڪوٽ
درياهه پير ماڳ
ٿنڀن واري مسجد
وڏا هڏا
گُجو
سنڌ ۾ قديم ترين لکت
ٿرون ٽڪري
هاليجي
پکين جا رستا
ڀنڀور
موکي متارا
اوچتو ڦاٽ
سمنڊ ۽ ويرون
مهم جي پڄاڻي
چوکنڊي
سانڊي تان جنگ
بلوچ ٽومبس
ملير ماٿري
ڪراچيءَ جا ڪجهه ٻيا آثار
ريڙهي مياڻ
کديجي
منگهو پير
مورڙيو مانگر مڇ
پڄاڻي
حوالا
بُلهو کوسو ۽ بُـلهي جي بُـٺي


.....سنڌوءَ جو سفر موضوع جون وڌيڪ داخلائون