Bootstrap Example
شاعري : (ابڙو اڪيڊمي)

2020-11-06
داخلا نمبر 1323
عنوان شاعري
شاخ علامه علي خان ابڙو شخصيت، سيرت ۽ شاعري
پڙهيو ويو 1850
داخلا جو حوالو:

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

هن داخلا جون تصويرون نه مليون

شاعري جا بنياد
علامه علي خان ابڙو شخصيت، سيرت ۽ شاعري / بدر ابڙو / ابڙو اڪيڊمي Abro Academy / علمي ادبي پورهيو /

شاعري - مان نڪتل ٻيون شاخون-

شاعري


شاخ علامه علي خان ابڙو شخصيت، سيرت ۽ شاعري
ٽوٽل صفحا1
موجودہ صفحو0
اڳلو صفحو-0-گذريل صفحو


شاعري

اچي ٿو غيب مان آواز،
لڳائي ڪن ٻڌڻ گهرجي.
پڙهي قرآن معنى سان،
عمل تنهن تي ڪرڻ گهرجي.
چوي هر ڪو ته مان عاقل،
چڱو سڀ کان به مان ئي مان.
ڪلام الله چٽو آهي،
پرک تنهن تي وٺڻ گهرجي.
علم اخلاق جنهن کي آه،.
ٿيو افضل فرشتن کان.
ٻيا بدترمرن کان ڀي،
ڪميڻاسي چوڻ گهرجي.
سڏن ان کي ٿا چالاڪي،
چون بيشڪ ڪرڻ گهرجي.
دغابازن ۽ ڪوڙن تي،
وڌي لعنت خدا آهي.
اُهي تڙيل خدا جا ٿيا،
پري تن کان ڀڄڻ گهرجي.
زنا چوري نشو خيانت،
ڪري ٿو جو نه مسلم آهه
وجهي ٿو پاڻ دوزخ ۾،
حديثن ۾ ڏسڻ گهرجي.
ڪري جو ظلم ٻين تي ٿو،
ڪٽو ڪافر اهو آهي (يا) وڏو بيدين آهي سو.
خدا راحم رحيم آهي،
اسان کي پڻ ٿيڻ گهرجي.
چوي خالق سکو اخلاق،
رکو پڻ حب همدردي.
اسان جو رب سڀن جورب،
سبق سوئي سکڻ گهرجي.
ڏسي اسلام رهو سالم،
ڏکويو ڪين ڪنهن کي ڀي.
ڪيو قائم امن امان،
سچو مسلم ٿيڻ گهرجي.
رکي جو خوف خاوند جو،
گناهن کان ڀڄي جو ٿو.
چون ان لئه ته احمق آه،
وڏو سوفول سڏڻ گهرجي.
(10) وڄي ٿو ناد ازغيبي،
تباهي يار اچڻي آه.
پڙهي تاريخ قومن جي،
سبق عبرت وٺڻ گهرجي.
(11) علي خان رک اميدون تون،
وسي رحمت سدا رب جي.
چيو هادي ڪيو ڪوشش،
ڪمر همت ٻڌڻ گهرجي.
(ملا اسڪولس مخزن جنوري 1948ع)




ٽوٽل صفحا1
موجودہ صفحو0
اڳيون صفحو-0-گذريل صفحو

شاعري ھنن داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
شاعري