Bootstrap Example
مر پيا مينھن وسن : (ابڙو اڪيڊمي)

2020-06-16
داخلا نمبر 50
عنوان مر پيا مينھن وسن
شاخ ڪٿا
پڙهيو ويو 2333
داخلا جو حوالو:

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.03.11-A.D

ان ڏينهن، ان مهل، ان گهڙي، منهنجي عمر هئي ٻارهن سال يارهن مهينا. هن جي اڃا به گهٽ هوندي. اهو معمولي چهرو جو مان اڪثر روزانو ڏسندو هئس سو ساڳيو ئي اهڙو هئو جهڙو روز! پر ان ڏينهن ان مهل، ان گهڙيءَ، 11 مارچ 1938ع ڪچڙي منجهند، وقت 11 بجه، جيئن ئي ان خاموش مجسمي تي نظر پئي ته اوچتو هڪ وڏو ڀونچال آيو، زلزلو هئو، ٽاڪوڙو هئو، طوفان هئو، سڄو آسمان ۽ زمين هيٺ مٿي ٿي ويا، پکي پکڻ، وڻ ٽڻ، هوائون ۽ پن مانڌاڻ ۾ پئجي ويا. ٻاهرين ڪائنات ته ٺهيو پر منهنجي اندرين ڪائنات ۾ به وڍڪٽ، زير زبر، مانڌاڻ ۽ مٽ سٽ جو وڏ


1953.04.17-A.D

بروهي صاحب ته مارشل لا کان اڳ ئي گورنر جنرل غلام محمد جو غلام ٿي خواجه ناظم الدين خلاف سازش ۾ ٻٽ رهيو. 17 اپريل 1953ع تي جمع ڏينهن شام جو 4 وڳي غلام محمد، وزيراعظم خواجه ناظم الدين جي وزارت کي ڊسمس ڪيو، تنهن وقت جو انچارج ڪئبينيٽ سيڪريٽري قمرالاسلام لکي ٿو ته، ”غلام محمد کيس گهرائي پڇيو ته هو ائين ڪري سگهي ٿو يا نه؟“ کيس ٻڌايو ويو ته ”آزاديءَ ائڪٽ 1947ع ۾ اهو فقرو موجود آهي ته وزير ۽ وزارت گورنر جنرل جي مرضي مطابق رکي يا ڪڍي سگهجن ٿا“


هن داخلا جون تصويرون نه مليون

مر پيا مينھن وسن جا بنياد
ڪٿا / جمال ابڙو / ابڙو اڪيڊمي Abro Academy / علمي ادبي پورهيو /

مر پيا مينھن وسن - مان نڪتل ٻيون شاخون-

مر پيا مينھن وسن


شاخ ڪٿا
ٽوٽل صفحا32
موجودہ صفحو30
اڳلو صفحو-0--1--2--3--4--5--6--7--8--9--10--11--12--13--14--15--16--17--18--19--20--21--22--23--24--25--26--27--28--29--30--31-گذريل صفحو

مٿي اچي چڪو آهي (يعني سئو لڪڻ هڻو) ۽ ان سان چڱو سلوڪ ڪيو. (سورة النساء...رڪوع 3 ۽ 5)

شڪ يا بهتان تمام وڏو ڪريهه عمل آهي. عورت جو تقدس قائم رکڻ لاءِ چٽا چٽا شرعي حڪم آهن ته:

1. پنهنجين زالن تي جاسوسي نه ڪريو.

2. پنهنجي گهر ۾ پٺئين دروازي کان داخل نه ٿيو.

3. ٻاهران اچو ته اڳواٽ اطلاع ڏئي پوءِ گهر ۾ داخل ٿيو. شڪ ۽ افواهه تي اعتبار نه ڪيو. ان لاءِ سورة النور ۾ چٽي چٽي فهمائش آهي ته:

”توهان جڏهن ٻڌو هئو ان کي، ڇو نه گمان ڪيو مومنن ۽ مومنياڻين دلين ۾ چڱو، ته چوَن ها ته هي آهي ڪوڙ پڌرو. ڇو نه آندائون ان تي چار شاهد. پوءِ جڏهن نه آندائون شاهد ته اهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن. جيڪڏهن نه هجي ها الله جي مهرباني توهان تي، ته پهچي ها توهان کي عذاب وڏو. جڏهن هُلائڻ لڳا توهان پنهنجي زبانن سان ۽ چئو پيا پنهنجي واتن سان جنهن جي نه هئي توهان کي حقيقت معلوم ۽ سمجهو پيا ان کي هلڪو (معمولي)، اهو آهي الله وٽ وڏو (گناهه). ڇو نه توهان چيو ناهي لائق اسان کي، جو گفتگو ڪريون ان ۾. پاڪ آهي تنهنجي ذات، هي آهي بهتان وڏو. سيکيت ڏئي ٿو توهان کي الله متان وري ڪريو اهڙو ڪم، جيڪڏهن آهيو ايمان وارا. چاهين ٿا جيڪي پکڙجي بيحيائي، تن لاءِ آهي عذاب دردناڪ دنيا ۽ آخرت ۾، الله ڄاڻي ٿو توهان نٿا ڄاڻو.“

هن آيت سڳوريءَ ۾ صاف آهي ته جيڪي شڪ ڪن ٿا ۽ افواهه تي ڪن ڏين ٿا سي پاڻ ڪوڙا آهن ۽ ايمان کان خارج آهن. انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. ڇو ته بيحيائي پکيڙين ٿا. الله ڄاڻي ٿو، توهان نٿا ڄاڻو.

هي آهي قرآن پاڪ، جيڪي افواهه تي ڪن ڏين ٿا يا شڪ ڪن ٿا سي پاڻ ڪوڙا آهن ۽ ايمان کان خارج آهن. هو بي حيائي پکيڙين ٿا ۽ انهن لاءِ آهي دردناڪ عذاب. معنيٰ هنن جي دنيا به وئي ته آخرت به وئي. اهڙي صاف حڪم کان پوءِ ڪارو ڪاريءَ جو عذر ڏيڻ يا جو بهانو ڪرڻ آهي، سڌي سنئين بدمعاشي ۽ ڪفر تي هلڻ. اهو ڪافراڻو عمل آهي، نه ڪي غيرت جو، باقي سڀ بهانا آهن.

قرآن ٿو فرمائي ٿو ته الله ڄاڻي ٿو، توهان نٿا ڄاڻو! الله ۾ ايمان آهي ته پوءِ ته ڳالهه چٽي پئي آهي. الله ۾ ايمان ناهي ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ الله ۾ ايمان نه رکڻ وارا به عجيب بهانا ڪن ٿا. چي اهڙي ڪهڙي هستي ٿي سگهي ٿي جا ڪروڙين اربين تارن ستارن جي ڪائناتن تي ۽ ڪک پن تي حڪم هلائي سگهي ٿي. ڪائنات ايتري ته وسيع آهي جو اسين سوچ به نٿا ڪري سگهون. تازو سائنسدانن هڪ اهڙي ڪهڪشان ڳولي لڌي آهي، جا ڌرتيءَ کان هڪ ڪروڙ چاليهه لک روشني سال پري آهي. ان جو فوٽو به ڊان اخبار ۾ آيو. اهو مفاصلو ايڏو پري آهي جو سوچ جي دائري کان ٻاهر آهي. روشنيءَ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ لک اسي هزار ميل آهي ته ڪروڙ کان مٿي سالن ۾ ڪيترا ميل ٿيا؟ سو ڪمپيوٽر به نه ٻڌائي سگهجندو. اهڙي ڪائنات آئي ڪٿان ۽ ڪير پيو هلائي؟ اهي لاجيڪل(logical) سوال آهن. قرآن شريف جيڪو الله جو تصور ڏنو آهي ته الله اَحد آهي. نه ڄڻيو ويو آهي نه ڄڻيائين، بي پرواهه آهي، نه کيس شڪل شبيهه آهي نه جهڙس ڪوئي آهي. بس هاڻي ماڻهو اعتبار ڪري ته ڪيئن؟

هڪ عجيب تمثيل آهي ته هر ماڻهوءَ جي بدن ۾ هڪڙو ننڍڙو الهڙو ويٺو آهي جو بدن جي سموري ڪائنات تي ڪنٽرول رکيو ويٺو آهي. ننهن ڪٽيو يا وار پٽيو ، هو روشنيءَ جي رفتار کان اڳ معلوم ڪري وٺي ٿو ۽ انهي ڪٽيل ننهن يا پٽيل وار جي جڳهه تي مرمت جا ڪاريگر ۽ مزور موڪلي ان کي جوڙي ڇڏي ٿو. هڪڙو ڪک اک ڏانهن اڏامي ته برقي رفتار سان اڳواٽ اک بند ڪري ڇڏي ٿو. اهو آهي ميڄالو. نه اٿس شڪل نه شبيهه نه ڪنهن جو ماتحت آهي نه ڪنهن جي پرواهه اٿس ۽ جهڙس ڪوئي ناهي.

ميڄالي جي ترڪيب به عجيب آهي. ڪروڙين اٿس برقي گهرڙا، اربين آهنس اعصابيه يعني تنتي گهرڙا. ڪروڙين آهن منجهس ڪيميائي ڪارخانا. سندس هيٺئين حصي ۾ بي انت تنتي ساگر آهي جو سڄي جسم سان ڳنڍيو پيو آهي. ان ميڄالي ۾ ايڏو ته علم جو خزانو دٻيو پيو آهي جو انسان ان جو هڪ سيڪڙو مس استعمال ڪري رهيو آهي. نوانوي سيڪڙو ته استعمال ئي نه ٿيو آهي. جيڪو سؤ سيڪڙوا ستعمال ڪري تنهن کي نبي نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو؟ نبي معنيٰ خبر ڏيندڙ. سؤ سيڪڙو ته پري جي ڳالهه پر جن کي هڪ سيڪڙو وڌيڪ وحي ٿيو تن عجيب ۽ حيرت انگيز ڪارناما ڪري ڏيکاريا. ڪيترا سائنسدان ۽ ٽائم مئگزن جو مسٽر ائنڊريو مارشل ان کوجنا ۾ لڳا پيا آهن ته ٻارڙا ڪيئن تمام وڏا ڪارناما انجام ڏئي وڃن ٿا جن کي معجزو (miracle) ئي چئجي. معجزو ۽ miracle ته آهي ئي پر اهو ڪارنامو آهي ميڄالي جي ڪنهن برقي گهرڙي يا اعصابيه جو، جيڪو مٿس وحي ٿو ٿئي.

ويٽنام جو نگوبان ٽرانگ سان اڃا ٽن ورهين جو ٻارڙو هو ته شطرنج ۾ پيءُ ماءُ کان کٽڻ لڳو. چئن سالن جي عمر ۾ قومي سطح تي پنهنجي عمر کان وڏن ٻارن کي هارائڻ لڳو. هينئر ٻارهن سالن جي عمر ۾ وئٽنام جو قومي چئمپين آهي.

دنيا جو مشهور موسيقار موزارٽ اڃا ڇهن سالن جو پتڪڙو ٻار هئو جو کيس هنج ۾ کڻي اسٽيج تي بيهاريو ويو. هن اهڙي ته مڪمل مهارت سان ڌن وڄائي جو سڀ حيران ٿي ويا. هي 1762ع جو واقعوآهي. سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته اهڙي عجيب الخلقت ٻارن جا دماغ، عام رواجي ٻارن کان مختلف نموني ڪم ڪن ٿا.

سنگاپور جي اينگل بين اڃا ٻن سالن جي هئي ته پڙهڻ سکي وئي، ستن سالن جي عمر ۾ بين الاقوامي مقابلي ۾ هن رياضيءَ ۾ آسٽريليا جي نيو سائوٿ ويلسن يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سيڪڙو چوٽيءَ وارن ۾ ڪاميابي ماڻي. هينئر ڏهن سالن جي عمر ۾ هوءَ پيانو وڄائڻ ۾ ملڪي ماهر آهي.

انڊيا جو ننڍي ۾ ننڍو پي ايڇ ڊي تلسي ٻارهن سالن جي عمر ۾ فزڪس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي.

جپان جي ٽيبل ٽينس جي چئمپين نڪوهارا ٽن سالن جي عمر ۾ ٽيبل ٽينس کيڏڻ شروع ڪئي جڏهن اڃا ميز جو مٿاڇرو ڏسي به ڪانه سگهندي هئي. پنجن سالن جي عمر ۾ پاڻ کان وڏن ٻارن کان کٽڻ لڳي.

سائنسدانن ۽ کوجنا ڪندڙن اهڙا ڪيئي ٻار ڳولهي لڌا جن حيرت انگيز ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن. مشرق ۽ مغرب ۾ اهڙا ڪيئي ٻار مليا آهن جي عجائب آهن. مون کان پورو تعداد وسري ويو آهي، پر ڀانيان ٿو ته اهڙا اٽڪل 37 ٻار مليا آهن. اهي ٻار گهڻو ڪري وچولي طبقي جا آهن ٻي عجيب ڳالهه ته اهڙن ٻارن جي گهڻائي مغرب جي مقابلي ۾ ايشيا ۾ وڌيڪ آهي. نبي سڳورن ۾ به گهڻائي ايشيا وارن جي آهي. نبي سڳورن کي وحي ٿئي ٿو.

سائنسدانن کوج لڳائي ته اهڙا ٻار ڄائي ڄم کان پئدائشي طور اهڙا آهن يا بعد ۾ ڪن حالات تحت اهڙا ٿي وڃن ٿا. سائنسدان ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگهيا. منجهي پيا. وحي ۽ الهام جو علم هجين ها ته نه منجهن ها. الهام ته هر نفس تي ٿئي ٿو. سورة الشمس ۾ آهي”فالهمها فجورها و تقواها“. يعني اسان هر نفس تي الهام ڪيو ته فجور ڇاهي ۽ تقويٰ ڇا آهي. سورة الاعليٰ ۾ آهي ته ”والذي قدر فهديٰ“. يعني لکن شين جي اوسر جو خاص اندازو مقرر ڪيو، ۽ انهن کي (فطرت يا جبلت ذريعي) رستو ڏيکاريو. هي ته ٿيو الهام ۽ هدايت پر قرآن ڪريم ۾ آهي ته پوءِ اسان ماکيءَ جي مک تي وحي ڪيو ته مانا




ٽوٽل صفحا32
موجودہ صفحو30
اڳيون صفحو-0--1--2--3--4--5--6--7--8--9--10--11--12--13--14--15--16--17--18--19--20--21--22--23--24--25--26--27--28--29--30--31-گذريل صفحو

No Article found