Bootstrap Example
ٻه مـُنهين : (ابڙو اڪيڊمي)

2020-10-13
داخلا نمبر 691
عنوان ٻه مـُنهين
شاخ ڪرڙانگ
پڙهيو ويو 1310
داخلا جو حوالو:

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ٻه مـُنهين

ٻه مـُنهين جا بنياد
ڪرڙانگ / سنڌ : جھنگلي جيوت / بدر ابڙو / ابڙو اڪيڊمي Abro Academy / علمي ادبي پورهيو /

ٻه مـُنهين - مان نڪتل ٻيون شاخون-

ٻه مـُنهين


شاخ ڪرڙانگ
ٽوٽل صفحا1
موجودہ صفحو0
اڳلو صفحو-0-گذريل صفحو

ٻه مـُنهين Indian Sand Boa / Eryx johnii/

Boidae ڪٽنب جي هن نانگ کي ٻه منهن ٿيندا ئي ڪونه آهن پر جيئن ته اهو ننڍڙو ٿلهڙو ۽ گول مٽول نانگ آهي ۽ ان جا ٻئي ڇيڙا هڪ جهڙا لڳندا آهن. ماڻهو ان کي ’ٻه منهي‘ انڪري چوندا آهن جو عام طور ان جي منڍي ۽ پڇ ۾ فرق ڪرڻ ٿورو ڏکيو آهي. اڪثر ماڻهو ان جي پڇڙيءَ کي به منڍي سمجهندا آهن. پاڪستان ۾ ان جون ٻه جـنسـون Eryx ۽ Gongylophis آهن.
هن بلا جو پڇ ننڍڙو ٿئي ٿو ۽ هڪدم ختم ٿي ويندو آهي. ان جو جسم گول ۽ ڇلر ننڍڙا ۽ گول ٿيندا آهن. ٻه منهينءَ جون اکيون ننڍڙيون ۽ اک جي پتلي عمودي هوندي آهي. هي نانگ عام طور زمين ۾ اهڙي هنڌ زندگي گهارين ٿا جتي ڪٿي ڪٿي ٻُوڙا ۽ ٿورو گاهه هجي. اها کهري، پٿريلي ۽ پوسلي علائقي ۾ تمام گهٽ ملندي آهي. پنهنجي ٿولهه ۽ ننڍي جسم سبب تيزيءَ سان حرڪت نه ڪري سگهندي آهي، انڪري خطري جي وقت جسم کي گولائيءَ ۾ وڪڙ ڏيئي منڍي وچ ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي. عاجز اچڻ تي جسم ڦُنڊائيندي ۽ سُسائيندي آهي ۽ زور زور سان شوڪاريندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پڇ ٻاهر ڪڍي ان کي هيڏانهن هوڏانهن لوڏيندي آهي. حالت بهتر ٿيڻ تي سڌي ٿي ڀڄي ويندي آهي. هيءَ بلڪل بي ضرر بلا آهي.
اها کليل، خشڪ ۽ ميداني وارياسي علائقي جي بلا آهي. واريءَ ۾ پنهنجي منڍيءَ سان رستو ٺاهي گهڙي وينديون آهن. ٻه منهيءَ جا ڪجهه قسم پاڻيءَ ۾ به رهندا آهن، قد ۾ هڪ ميٽر کان مٿي به ٿينديون آهن. اڪثر رات جي وقت شڪار ڪنديون آهن. انهن جي خوراڪ ڪوئا ۽ پکي وغيره آهن. هن ڪٽنب جا ڪي قسم ٻچا ڏيندا آهن ته ڪي آنا. مادي اپريل کان جون تائين آنا يا ٻچا ڏيندي آهي ۽ آنن جي حفاظت به ڪندي آهي. ٻه منهي جنس جون بلائون سياري ۾ لڳ ڪنديون آهن.




ٽوٽل صفحا1
موجودہ صفحو0
اڳيون صفحو-0-گذريل صفحو

ٻه مـُنهين ھنن داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
ٻه مـُنهين
ڪرڙانگ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
تليهر، پدم، ڪاريهر، واسينگ
سنگچوڙ ۽ نانگ Elapidae ڪٽنب
سنگچوڙ ،سَڪچُور، ڪلمار، پـَٽائڻ، ڪرئت پيئڻ
سنگچوڙ ،سَڪچُور، پيئڻ ، ڪلمار، پـَٽائڻ، ڪرئت / Krait / Bungarus
اصيل نانگ جا قسم
ڌامڻ، نوڙ ، وئينس
سانپڙو
ارڙ ، اجگر، ازدها
ٻه مـُنهين
ڪَرنڊ، مِٽيائي
ڪوراڙ
سوناري (سونهري) ڪوراڙ
شيرازيانس ڪوراڙ
ڪوڏڻ ڪوراڙ
لوهاري، ڪنڀاري، جهنڊر ڪوراڙ
آرگائيروجينا فيسيوليٽس
لائيڪوڊان اسٽرائيٽس
لائيڪوڊان ٽرئوينڪورِيڪَس
لائيڪوڊان اَوليِڪَس
لائٽورينڪَس رِجوائي
لائٽورينڪَس پيراڊاڪس
ٻِلي، بوئيجا ٽرائيوڪوناٽا
ڪـُڪري
ڪُڪُري ٽَئينيولئٽَس
ڪُڪُري پٽا پٽي
تير، سيگهي، سرنگهه، تانگهه
سرنگهه، تانگهه
چُوڙيل، تير، سيگهي، سرنگهه، تانگهه
پَـر نانگ
سرنگهه، پَـر نانگ
ڪارو سَر، آئرينِس پرسيِڪا
پاڻيءَ واتڙيو
ڳوراهه، پاڻيءَ واتڙيو، چِٽوڙ
ڳوراهه چوڪڙيدار
سِيتا جي لٽ
انڌوهينئر، اينهائڊرس پاڪستانيڪا
کـَپـُر
ڪوڏياري لنڊي
ڊمر، واڇر ڊمر، واڇر
سِڱر لنڊي
ڪورڪَنڊ
ڪارو ڪرئون
گِلوئي
نيرو ڪرئون
سانڊو ست رنگو، باغبان سانڊو
مَک چٽي، ريگ ماهي
هڻ کڻ
سانڊو
ڳوهه
واڳون، مُـُگر
سِيسَر
گهوڙيال


.....ڪرڙانگ موضوع جون وڌيڪ داخلائون