Bootstrap Example
پاڻيءَ واتڙيو : (ابڙو اڪيڊمي)

2020-10-13
داخلا نمبر 714
عنوان پاڻيءَ واتڙيو
شاخ ڪرڙانگ
پڙهيو ويو 1495
داخلا جو حوالو:

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

هن داخلا جون تصويرون نه مليون

پاڻيءَ واتڙيو جا بنياد
ڪرڙانگ / سنڌ : جھنگلي جيوت / بدر ابڙو / ابڙو اڪيڊمي Abro Academy / علمي ادبي پورهيو /

پاڻيءَ واتڙيو - مان نڪتل ٻيون شاخون-

پاڻيءَ واتڙيو


شاخ ڪرڙانگ
ٽوٽل صفحا1
موجودہ صفحو0
اڳلو صفحو-0-گذريل صفحو

St. John’s Keelback / Xenochrophis sanctijohannis / Natrix sanctijohannis/
پاڻيءَ واتڙِيو:

هي نانگ عام ڪولوبر نانگن جو وصفون رکن ٿا پر سائنسدان ان تي اختلاف رکن ٿا، انڪري ان کي هڪ جدا جنس ’نئٽرِڪس‘ جو نالو ڏنو اٿائون. هن جنس جون بلائون گپراٺن علائقن ۾ هونديون آهن ۽ موقعو ملندي ئي بي ڌڙڪ پاڻيءَ ۾ لهي وينديون آهن. تلاءَ يا واهه جي هڪ ڪپر کان ٽٻي ڏينديون ته وڃي ٻئي ڪناري کان نڪرنديون. پاڻيءَ جي ڪنڌيءَ تي ڏرڙن ۾ رهنديون آهن. ڦڙتيليون ۽ مضبوط جسم جون ٿين ٿيون. رات ڏينهن سرگرم هونديون آهن. پاڻيءَ جي ويجهو ئي اس ۾ ويٺيون هونديون آهن. خوراڪ ۾ مڇيون ۽ ڏيڏر شامل اٿن.
مارچ کان مئي تائين 6 کان 10 آنا پاڻيءَ کان ٻاهر ڪنهن سوراخ يا ڏرڙ ۾ ڏينديون آهن جن مان جولاءِ کان آگسٽ تائين ٻچا ڦُٽي ايندا آهن. ان جنس جون ٻه بلائون سنڌ ۾ آهن. ’نئٽرِڪس سئنڪٽي جوهانس‘ اصل ۾ هماليائي نانگ آهي جيڪو سڄي سنڌ پنجاب ۾ لاڙ تائين ٿئي ٿو. ٻي جنس جو نالو Natrix tessellate آهي، جيڪا ايران، افغانستان، يورپ ۾ به پکڙيل آهي.




ٽوٽل صفحا1
موجودہ صفحو0
اڳيون صفحو-0-گذريل صفحو

پاڻيءَ واتڙيو ھنن داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
ڳوراهه چوڪڙيدار
ڪرڙانگ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
تليهر، پدم، ڪاريهر، واسينگ
سنگچوڙ ۽ نانگ Elapidae ڪٽنب
سنگچوڙ ،سَڪچُور، ڪلمار، پـَٽائڻ، ڪرئت پيئڻ
سنگچوڙ ،سَڪچُور، پيئڻ ، ڪلمار، پـَٽائڻ، ڪرئت / Krait / Bungarus
اصيل نانگ جا قسم
ڌامڻ، نوڙ ، وئينس
سانپڙو
ارڙ ، اجگر، ازدها
ٻه مـُنهين
ڪَرنڊ، مِٽيائي
ڪوراڙ
سوناري (سونهري) ڪوراڙ
شيرازيانس ڪوراڙ
ڪوڏڻ ڪوراڙ
لوهاري، ڪنڀاري، جهنڊر ڪوراڙ
آرگائيروجينا فيسيوليٽس
لائيڪوڊان اسٽرائيٽس
لائيڪوڊان ٽرئوينڪورِيڪَس
لائيڪوڊان اَوليِڪَس
لائٽورينڪَس رِجوائي
لائٽورينڪَس پيراڊاڪس
ٻِلي، بوئيجا ٽرائيوڪوناٽا
ڪـُڪري
ڪُڪُري ٽَئينيولئٽَس
ڪُڪُري پٽا پٽي
تير، سيگهي، سرنگهه، تانگهه
سرنگهه، تانگهه
چُوڙيل، تير، سيگهي، سرنگهه، تانگهه
پَـر نانگ
سرنگهه، پَـر نانگ
ڪارو سَر، آئرينِس پرسيِڪا
پاڻيءَ واتڙيو
ڳوراهه، پاڻيءَ واتڙيو، چِٽوڙ
ڳوراهه چوڪڙيدار
سِيتا جي لٽ
انڌوهينئر، اينهائڊرس پاڪستانيڪا
کـَپـُر
ڪوڏياري لنڊي
ڊمر، واڇر ڊمر، واڇر
سِڱر لنڊي
ڪورڪَنڊ
ڪارو ڪرئون
گِلوئي
نيرو ڪرئون
سانڊو ست رنگو، باغبان سانڊو
مَک چٽي، ريگ ماهي
هڻ کڻ
سانڊو
ڳوهه
واڳون، مُـُگر
سِيسَر
گهوڙيال


.....ڪرڙانگ موضوع جون وڌيڪ داخلائون