Bootstrap Example
ڪَرنڊ، مِٽيائي : (ابڙو اڪيڊمي)

2020-10-13
داخلا نمبر 692
عنوان ڪَرنڊ، مِٽيائي
شاخ ڪرڙانگ
پڙهيو ويو 1235
داخلا جو حوالو:

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ڪَرنڊ، مِٽيائي

ڪَرنڊ، مِٽيائي جا بنياد
ڪرڙانگ / سنڌ : جھنگلي جيوت / بدر ابڙو / ابڙو اڪيڊمي Abro Academy / علمي ادبي پورهيو /

ڪَرنڊ، مِٽيائي - مان نڪتل ٻيون شاخون-

ڪَرنڊ، مِٽيائي


شاخ ڪرڙانگ
ٽوٽل صفحا1
موجودہ صفحو0
اڳلو صفحو-0-گذريل صفحو

ڪَرنڊ، مِٽيائي Rough-Scaled Sand Boa / Gongylophis conicus/

هن بلا جي ڪل ڊيگهه اڌ ميٽر کان هڪ ميٽر (ڏيڍ فٽ کان 3.3 فٽ) تائين ٿي سگهي ٿي . پڇ تمام ننڍو يعني 30 کان 60 ملي ميٽر ٿيندو اٿس. هيءَ ريتيلي علائقي جي بلا آهي. ان جي جسم تي ارڙ وانگر بي ترتيب چٽ هوندا آهن. انڪري اڪثر جوڳي ان کي ’ازدها جو ٻچو‘ چئي ماڻهن کا انعام وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن بلا جي جسم جا سڀ ڇلر اڀاردار ۽ کهرا هوندا آهن. ان جو مٿو جسم کان نمايان هوندو آهي. ان جو جسم ٿلهڙو ۽ مضبوط ٿئي ٿو. پٺي هيڊي يا ڳاڙهاڻ مائل ميٽوڙي ٿئيس ٿي. جسم تي گـهرا ڀورا يا ڪاري رنگ جا وڏا بيڊولا چٽ اڪثر پاڻ ۾ مليل هوندا آهن. پيٽ هيڊاڻ يا اڇاڻ مائل ٿئيس ٿو جنهن تي به ڪڏهن ڪڏهن ننڍا چٽ هوندا آهن.
هيءَ بلا رات توڻي ڏينهن جو نڪري ٿي. خطري جي وقت جسم کي چپترو ڪري زمين تي بي حرڪت ليٽي پوندي آهي يا واريءَ ۾ گهڙي ويندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن گول ٿي ويندي آهي. هي نانگ ٻُوڙن تي سولائيءَ سان چڙهي ويندو آهي پر عام طور تي واري ۾ لڪي ويهندو آهي ۽ فقط وات واريءَ کان ٻاهر رکندو آهي، جيئن ئي ڪو شڪار وجهه ۾ ايندو اٿس، ان کي هڪدم پڪڙي وٺندو آهي ۽ ارڙ وانگر ان کي پنهنجي جسم ۾ وڪوڙي ڇڏيندو آهي.
هيءَ چيڙاڪ بلا آهي، موقعو ملندي ئي چڪ پائيندي هي. اها زهريلي نه آهي پر ان جي چڪ سان زخم ۾ سور ٿيندو آهي. ڪرنڊ بلا سياري ۾ لڳ ڪندي آهي. اپريل کان جولاءِ تائين 6 کان 12 ٻچا ڏيندي آهي. هيءَ بلا سڄي هندستان، سري لنڪا ۽ پاڪستان ۾ فقط سنڌ ۾ ٿئي ٿي.




ٽوٽل صفحا1
موجودہ صفحو0
اڳيون صفحو-0-گذريل صفحو

No Article found
ڪرڙانگ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
تليهر، پدم، ڪاريهر، واسينگ
سنگچوڙ ۽ نانگ Elapidae ڪٽنب
سنگچوڙ ،سَڪچُور، ڪلمار، پـَٽائڻ، ڪرئت پيئڻ
سنگچوڙ ،سَڪچُور، پيئڻ ، ڪلمار، پـَٽائڻ، ڪرئت / Krait / Bungarus
اصيل نانگ جا قسم
ڌامڻ، نوڙ ، وئينس
سانپڙو
ارڙ ، اجگر، ازدها
ٻه مـُنهين
ڪَرنڊ، مِٽيائي
ڪوراڙ
سوناري (سونهري) ڪوراڙ
شيرازيانس ڪوراڙ
ڪوڏڻ ڪوراڙ
لوهاري، ڪنڀاري، جهنڊر ڪوراڙ
آرگائيروجينا فيسيوليٽس
لائيڪوڊان اسٽرائيٽس
لائيڪوڊان ٽرئوينڪورِيڪَس
لائيڪوڊان اَوليِڪَس
لائٽورينڪَس رِجوائي
لائٽورينڪَس پيراڊاڪس
ٻِلي، بوئيجا ٽرائيوڪوناٽا
ڪـُڪري
ڪُڪُري ٽَئينيولئٽَس
ڪُڪُري پٽا پٽي
تير، سيگهي، سرنگهه، تانگهه
سرنگهه، تانگهه
چُوڙيل، تير، سيگهي، سرنگهه، تانگهه
پَـر نانگ
سرنگهه، پَـر نانگ
ڪارو سَر، آئرينِس پرسيِڪا
پاڻيءَ واتڙيو
ڳوراهه، پاڻيءَ واتڙيو، چِٽوڙ
ڳوراهه چوڪڙيدار
سِيتا جي لٽ
انڌوهينئر، اينهائڊرس پاڪستانيڪا
کـَپـُر
ڪوڏياري لنڊي
ڊمر، واڇر ڊمر، واڇر
سِڱر لنڊي
ڪورڪَنڊ
ڪارو ڪرئون
گِلوئي
نيرو ڪرئون
سانڊو ست رنگو، باغبان سانڊو
مَک چٽي، ريگ ماهي
هڻ کڻ
سانڊو
ڳوهه
واڳون، مُـُگر
سِيسَر
گهوڙيال


.....ڪرڙانگ موضوع جون وڌيڪ داخلائون