2020-06-19
داخلا نمبر 115
عنوان آلودگي
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2138
داخلا جو حوالو:
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
آلودگي
سنڌوءَ جي ڪناري وڏو شهر ڏسي جيتري خوشي ٿئي ٿي، ان کان وڌيڪ ڏک ٿئي ٿو. ايس ايس جهلم جي ڀرسان شهر مان ايندڙ گندي پاڻيءَ جو نالو سنڌوءَ ۾ پوي ٿو. ماحول ۾ جيتري ڌپ پکڙجي ٿي، ان کان هڪ لک ڀيرا وڌيڪ گند سنڌوءَ ۾ نيڪال ڪري درياهه ۾ آلودگي پکيڙي پئي وڃي. ڊيآءِ خان جي گٽرن جو پاڻي سنڌوءَ ۾ پوي ٿو. لهواري پاسي رهندڙ ماڻهو اهو پاڻي پيئڻ ۽ جيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
هن کان اڳ ڪابل نديءَ ۾ نوشهري جون سموريون گٽر لائنون ڇوڙ ڪن ٿيون. ڪابل ندي، اها گندگي سنڌوءَ ۾ شامل ٿي ڪري. اهو عمل ڪو ڪلاڪ اڌ نٿو هلي، گٽرن جو بدبوءِ دار پاڻي گندن آبشارن وانگر مسلسل درياهه ۾ شامل ٿي رهيو آهي. مولوي صاحب جيڪي شهر جي سياست تي قابض آهن، سمجهن ٿا ته وهندڙ پاڻي پاڪ رهي ٿو، پر انهن مان ڪو به مولوي صاحب ڊيآءِ خان جي ڏکڻ ۾ ميلن تائين درياهه جي ڪنڌيءَ تي ويهي وضو ڪرڻ پسند نه ڪندو.
ريسٽ هائوس نه ملڻ جي صورت ۾ اسان ايس ايس جهلم تي ڊاٻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر پوءِ سج لٿي مهل سرحد جي ضلعي انتظاميه سرڪٽ هائوس جو بندوبست ڪري ڏنو. هيل تائين پنجاب ۾ ضلعي انتظاميائن، سنڌ سرڪار جي هن ٽيم کي ڪا لفٽ نه ڏني آهي نه ئي وري ڪا رهنمائي ڪئي آهي. سرحد صوبي جي ڪنهن مکيه شهر ۾ هيءَ پهرين منزل هئي، جتي عزت سان گڏ رهنمائي به ملي. مون شايد مٿي به ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته، پنجاب جي حدن مان لنگهڻ وقت اسان ائين محسوس ڪيو، جيئن اسان تي ڪا چوڪسي هجي، رهنمائي ۽ مدد ڪجهه به نه.
سنڌوءَ جو سفر شروع ٿيڻ کانپوءِ ڪنهنجديد سهوليتن واري شهر ۾ اسان جو پهريون ڊاٻو ديري اسماعيل خان ۾ ٿيو آهي. ريسٽ هائوس جي ڀرسان ئي ٽيليگراف آفيس آهي. جيتوڻيڪ گهرٻار ڇڏي اڃا هفتو به ڪونه ٿيو آهي پر ائين ٿو لڳي ته اسان ڪنهن اهڙي ٽائيم مشين ۾ گهڙي ويا آهيون، جنهن اسان کي صديون پراڻي دور ۾ اڇلائي ڇڏيو آ هي. اڄ ديري اسماعيل خان ۾ نئون زمانو ڏسي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ٽائيم مشين غلطيءَ سان اسان کي ڇڪي پنهنجي دور ۾ واپس آندو آهي. اهڙو موقعو ڪير وڃائڻ گهرندو؟ هر ڪنهن جا قدم پنهنجي ليکي ٽيليگراف آفيس ڏانهن وڌيا.
هر ڪنهن ٽيليفون رستي پنهنجي خير خيرت جو احوال پهچايو، گهرٻار جي خبر ورتي ۽ تازو توانو ٿيو ... پر ڪريم ميمڻ کي گهران ڏاڍي خراب خبر پهتي آهي. سندس ڀيڻ ٽي ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ گذاري وئي آهي. سڀئي ساٿي ڪريم سان همدرديءَ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن! سڀني کيس صلاح ڏني ته هوائي جهاز ذريعي حيدرآباد روانو ٿي وڃي پر ڪريم سنڌو ياترا اڌ ۾ ڇڏڻ نٿو گهري. چوي ٿو، ”امانت وڃي ڌڻيءَ کي پهتي، هاڻي پوئتي ڇاهي!“ ڪريم ميمڻ سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ وڊيو آفيسر آهي. هن مهم ۾ سندس ذميواري آهي ”انڊس ايڪسپيڊيشن“ دوران وڊيو تيار ڪرڻ، جيڪا مهم جي پڄاڻيءَ تي ايڊٽ ڪرڻ کانپوءِ منظر عام تي آندي ويندي. ڪريم کي اندازو آهي ته جيڪڏهن هو مهم ۾ اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو ته وڊيو جو ڪم متاثر ٿيندو. محمد علي ۽ ڪليم لاشاريءَ ڪريم ميمڻ تي چڱو زور ڀريو ته هو ڀلي موٽي وڃي، وڊيو ٺاهڻ جو ڪم هو سنڀالي وٺندا، پر ڪريم نه ويو سندس همٿ جي ڳالهه آهي.