2020-06-18
داخلا نمبر 97
عنوان بند ڪيئن ٺهندو؟
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2150
داخلا جو حوالو:
1982.07.00-A.D
جولاءِ 1982ع جي هڪ رپورٽ موجب بند لاءِ تجويز ٿيل ماڳ تي ڪئمپ لڳي چڪي هئي، زميني ۽ اڏاوتي تجويزن لاءِ لئبارٽريءَ جي بلڊنگ مڪمل هئي ۽ ان ۾ اوزار هنيا پئي ويا. رهائشي عمارتون تيارين ۾ هيون. بند تائين 22 فٽ ويڪرو ۽ 13 ڪلو ميٽر ڊگهو ڪچو روڊتيار ڪيو ويو هو ۽ ان تي 12فٽ ويڪري روڊ جي اڏاوت ٿيڻي باقي هئي. مختلف ڪمن جا ٽينڊر جاري ٿي چڪا هئا، في الحال ٻيڙين ذريعي اچ وڃ جاري هئي. هڪ اندازي موجب ڪالاباغ بند ٺاهڻ لاءِ 30 سالن ۾ هڪ ارب رپيا تحقيق، سروي ۽ ڊوڙ ڊڪ جي ڪمن تي خرچ ڪيا ويا آهن.
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
بند ڪيئن ٺهندو؟
تجويز ڪيل ماڳ تي درياهه جي ماٿري ڪجهه ويڪري آهي، جتي بند جون ڪجهه اڏاوتون کڙيون ڪيون وينديون. درياهه جو رخ ڦيرائڻ کانسواءِ ٻه يا ٽي اسٽرڪچر تيار ٿيندا ۽ درياهه سان گڏوگڏ حفاظتي پشتا ٻڌا ويندا هڪ اندازي موجب پنجاهه هزار مزدور ڏهن سالن ۾ هيءُ بند ٻڌي وٺندا.
ابتدائي ڪم