2020-06-24
داخلا نمبر 250
عنوان دانا ٽاورز
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2004
داخلا جو حوالو:
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
دانا ٽاورز
The Land of the Five Rivers and Sindh جو ليکڪڊيوڊ روزDavid Ross 1883ع ۾ڏاڙهياري جبل جا ڪجهه تفصيل ڏيڻ کان پوءِ”دانا ٽاورز“ ((Dana Towers جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي 4500 فوٽن جي بلنديءَ تي آهن. هتي پاڻي ۽وڻڪار جي کوٽ سبب صحت بخش ماڳ ٺهي نه سگهيو. ليکڪ موجب دانا ٽاورز ۽ هڪ ٻئي وڏي کنڊر بابت سمجهيو وڃي ٿو ته اهو ديون جهڙي نسل جي ماڻهن جو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته انهن اڏاوتن ۾ وڏا پٿر استعمال ٿيا آهن، جيڪي انسان جي قوت کان مٿي آهن. ليکڪ جو خيال آهي ته اهي آثار، تمام قديم وقتن جا آهن جن جا اڏيندڙ گهڻو اڳ پنهنجو ڏس پتو ڇڏڻ کان سواءِ خبر ناهي ڪيڏانهن هليا ويا.
The Danna Towers are situated upon the same range ofmountains at an elevation of 4,500 feet. FromDanna towers an absence of a sufficient supply of water, and the want of vegetation, these hills can never become sanitaria like those in the Himalayas.
The Danna Towers and other titanic ruins are popularlybelieved to be the work of some giant race; herculean powerwas certainly required to put the huge boulders into position. They are the unknown and imperishable memorials of an ageand race long passed away, leaving no record. (David Ross)
چَئي نٿو سگهجي ته اِهي ”دانا ٽاورز“ ڪهڙا آهن؟ البت خيرپور ناٿن شاهه کان اولهه طرف چاليهه پنجيتاليهه ميل پنڌ تي، نئه مکي ذريعي ڪچرڪ ڏانهن وينديهراڙ ماٿري ۽ ڏمري لڪ وٽ ميرن سان منسوب ڪجهه ٺُلهه يا گول مورچا ۽ هڪ ڦٽل قلعي جا نشان آهن. ڏمرو لڪ 4300 فوٽ بلند آهي. چون ٿا ته اهي فوجي چوڪين طور ٺهيل ٺلهه ڪافي ڪشادا آهن. سنڌ ايڪسپلوريشن ايڪسپيڊيشن سوسائٽي انهن قديم مورچن جو معائنو ڪرڻ گهري ٿي، مناسب وقت جو انتظار آهي. (ٽيم 1990 ڌاري اها مهم به سر ڪئي ۽ ان اندازي تي پهتي تي ڏمري لڪ ۽ هراڙ وارا آثار گهڻا قديم ناهن. اهي مورچا لڳ ڀڳ رني ڪوٽ واري اڏاوت جهڙا آهن جن جي آخري مرمت ٽالپرن ڪرائي هئي.ممڪن آهي ته اهي ڪلهوڙن جي وقت ۾ خاص ڪري ميان نصير جي وقت ۾ ٺهيا هجن. جنهن واهي پانڌي ويجهو نئه نري ۾ به هڪ قلعو’ميان جو ڪوٽ‘ اڏايو هو).