2020-06-26
داخلا نمبر 285
عنوان رني ڪوٽ بابت ڪجهه تجويزون
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2183
داخلا جو حوالو:
1990.00.00-A.D
رني ڪوٽ بابت ڪجهه تجويزون ٻئي ڀيري (جنوري 1990ع) ۾ رني ڪوٽ جي تفصيلي پڙتال کانپوءِ ساڳي ٽيم ڪي نتيجا ڪڍيا ۽ ڪي صلاحون سرڪار تائين پهچايون. 1. رني ڪوٽ تائين پهچڻ لاءِ ٻه روڊ ٺاهڻ گهرجن، هڪ هاڻوڪي ٽاڪرو پيچري تي ۽ ٻيو رني ڪوٽ جي اولهه طرف کان. ساڳيو روڊ کيرٿر نيشنل پارڪ رٿا ۾ به تجويز ڪيو ويو آهي. 2. قديم آثارن واري کاتي کي وڌيڪ دلچسپي وٺي قلعي اندر توڙي ڀرپاسي ۾ رستا ٺهرائڻ گهرجن ته جيئن اتي وڌ ۾ وڌ ماڻهو پهچن. قلعي ۾ اندر توڙي ٻاهر ٻيا به قديم آثار آهن جيڪي ماڻهن جي دلچسپيءَ جو سبب ٿي سگهن ٿا
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
رني ڪوٽ بابت ڪجهه تجويزون
ٻئي ڀيري (جنوري 1990ع) ۾ رني ڪوٽ جي تفصيلي پڙتال کانپوءِ ساڳي ٽيم ڪي نتيجا ڪڍيا ۽ ڪي صلاحون سرڪار تائين پهچايون.
1. رني ڪوٽ تائين پهچڻ لاءِ ٻه روڊ ٺاهڻ گهرجن، هڪ هاڻوڪي ٽاڪرو پيچري تي ۽ ٻيو رني ڪوٽ جي اولهه طرف کان. ساڳيو روڊ کيرٿر نيشنل پارڪ رٿا ۾ به تجويز ڪيو ويو آهي.
2. قديم آثارن واري کاتي کي وڌيڪ دلچسپي وٺي قلعي اندر توڙي ڀرپاسي ۾ رستا ٺهرائڻ گهرجن ته جيئن اتي وڌ ۾ وڌ ماڻهو پهچن. قلعي ۾ اندر توڙي ٻاهر ٻيا به قديم آثار آهن جيڪي ماڻهن جي دلچسپيءَ جو سبب ٿي سگهن ٿا.
3. هن وقت مرڪزي قلعي ”ميريءَ“ ۾ ٺهيل ريسٽ هائوس معياري ناهي، ان ۾ سياحن جي سهوليت لاءِ ڪجهه به موجود ناهي. پاڻي، بجلي، جنريٽر توڙي ٽيليفون جي سهوليت سياحن کي ڇڪي سگهي ٿي. ساڳئي وقت ريسٽ هائوس کي ميريءَ مان ٻاهر ڪڍي، ان جي ويجهو ئي ٽڪريءَ تي ٺاهيون وڃي ته جيئن ميري وڌيڪ نقصان کان محفوظ رهي.
4. قلعي جي ديوار جو لڳ ڀڳ ٽيهه سيڪڙو ڊهي چڪو آهي. قديم آثارن واري کاتي کي تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن ۽ ساڳين بنيادن تي ديوار کي ٻيهر بحال ڪرڻ گهرجي نه ته ديوار وڌيڪ ڊهندي ويندي.
5. سن کان رني ڪوٽ ويندڙ رستو، برساتي ندي ۽ ڍورن مان ٿيندو وڃي ٿو، جنهن ڪري عام حالتن ۾ جيپ کان سواءِ وڃڻ جو ڪو به ٻيو چارو ناهي، جڏهن ته مينهوڳيءَ ۾ جيپ تي به نٿو وڃي سگهجي، تنهن ڪري سرڪار کي ٻيو متبادل رستو ٺاهڻ گهرجي، جيڪو هر موسم ۾ ڪتب اچي.
6. جيئن ته سياحت کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي تنهن ڪري رني ڪوٽ بابت انگريزي، سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ معلوماتي مواد ڇاپڻ گهرجي.
7. عالمي سيمنيار منظم ڪري عالمي برادريءَ کي رني ڪوٽ بچائڻ لاءِ جدا فنڊ قائم ڪرائڻ لاءِ اپيل ڪجي.
8. سياحت کاتي کي، رني ڪوٽ تي دستاويزي پروگرام تيار ڪري ماڻهن تائين پهچائڻ گهرجن. سياري ۾ منظم طريقي سان سياحن کي گهمائڻ لاءِ بندوبست ڪجن.