2020-06-17
داخلا نمبر 62
عنوان رگ ويِد ۾ سنڌو
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2236
داخلا جو حوالو:
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
رگ ويِد ۾ سنڌو
رگ ويد، اپکنڊ جو سڀ کان قديم ڪتاب آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهو هڪ هزار سال قبل مسيح کان 1500 قبل مسيح جي وچ ۾ لکيو ويو. بهرحال، اڃا تائين ڪنهن به محقق تاريخ جي پڪ نه ڏني آهي. البت ڪجهه محققن جي راءُ آهي ته رِگ ويد جو پراڻي کان پراڻو گيت اڃا به هڪ هزار سال اڳ جو ٿي سگهي ٿو. رگ ويد ۾ سنڌوءَ جو ذڪر ڪجهه هن ريت آهي:
1. سنڌ گهوڙن ۾ شاهوڪار، رٿِن (جنگي گهوڙي گاڏيون) ۾ شاهوڪار، ڪپڙي لٽي ۾ شاهوڪار، عمدن گهڙيل سونن زيورن ۾ شاهوڪار، کاڌي خوراڪ ۾ شاهوڪار، سدائين تازي، اُن ۾ شاهوڪار، سلِما ٻوٽا (مڃ؟) به جام آهن ۽ ..... ندي ماکي ڏيندڙ گلن سان ڍڪيل آهي. (رگ ويد: منڊل ڏهون سؤڪت 15)
2. ”اي سنڌو! جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي، تڏهن تون بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي، تنهنجو پاڻي اتم آهي. اي سنڌو! جيڪڏهن تنهنجي سونهن جي ڀيٽ ڪجي ته تون نئين ڪنوار وانگرآهين. سنڌو سدائين جوان ۽ سدائين سهڻي آهي ....“
3. ”اي سنڌو! پهريائين تون ترشتما (Trishtama) سان گڏجي وهين ٿي، ۽ پوءِ سسرتو (Susartu) ۽ رسا ۽ سويتي (سوات ندي) سان تون ڪنڀا (ڪابل ندي)، گومپي (گومل)، ميهتنو (Mehatnu) ۽ ڪرمو (Krumu) (ڪرم) سان گڏجي وهين ٿي.“
4. سنڌوءَ جي گجگوڙ ڪندڙ پاڻيءَ جو آواز ڌرتيءَ کان آسمان تائين ٻڌجي ٿو. اڇي لاٽ جو چمڪو سندس وهڪري کي ڊگهو ڪري ٿو.
5. ”اي سنڌو! جيئن سوئا ڳئون کير سان ڀريل اوهن سان پنهنجن ڦرن ڏي ڊوڙن ٿيون، تئين، ٻيون نديون جدا جدا هنڌن مان پاڻيکڻي توڏي رنڀنديون اچن ٿيون.“