2020-06-17
داخلا نمبر 61
عنوان سنڌو طاس ٺاهه
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2559
داخلا جو حوالو:
1960.00.00-A.D
سن 1960ع ۾”سنڌو طاس ٺاهه“ ڪهڙين حالتن ۾ ٿيو؟
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
سنڌو طاس ٺاهه
سن 1960ع ۾”سنڌو طاس ٺاهه“ ڪهڙين حالتن ۾ ٿيو؟ پاڪستان جو اڳوڻو فوجي صدر ايوب خان پنهنجي ڪتاب ”فرينڊز ناٽ ماسٽرز“ ۾ لکي ٿو ته: ”مون کي سڀ کان گهڻي پريشاني پاڪستان جي غير محفوظ هئڻ جي هئي. اسان جي درياهن جا هيڊ ورڪس هندستان ۾ هئا ۽ اهي جايون به جتان درياهه شروع ٿين ٿا. هندستان پاڻيءَ جو رخ بدلائڻ جا انتظام ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڀارتي فوج، اسان جي فوجن کان ٽيڻي هئي. مون سوچيو ته جيڪڏهن ڀارت سان ڳالهايون اڌ ۾ رهجي ويون ۽ ڀارتي حڪومت درياهن جو رخ بدلائڻ جو فيصلو ڪري وجهي ته پوءِ اسان کي جنگ آڏو ايندي. هر ڳالهه اسان جي خلاف هئي، ان ڪري ان ۾ ئي مصلحت هئي ته ڀارت سان ٺاهه ڪيو وڃي، پوءِ ڇو نه کڻي ڪجهه نقصان کڻڻو پوي، جيڪڏهن اسان ائين نه ڪنداسون ته سڀ ڪجهه وڃائي ويهنداسين.“
ايوب خان ڪهڙو به دليل ڏيئي سگهي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته سندس دليل ۾ وزن هجي پر ان ٺاهه، سنڌ کي پاڻيءَ جي مستقل گهوٽالي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.