2020-06-20
داخلا نمبر 172
عنوان سنڌوءَ جي لاهِي
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2192
داخلا جو حوالو:
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
سنڌوءَ جي لاهِي
سنڌوءَ ۾ اٿل جو لاڙو ايترو گهڻو ڇو آهي؟ ان سوال جو هڪ جواب اهو آهي ته اصل ۾ ڪالاباغ وٽ سنڌوءَ جي سطح سمنڊ جي سطح کان فقط 700فُٽ مٿي آهي. جڏهن ته ڪالاباغ کان سمنڊ 950 ميل پري آهي. اهڙيءَ طرح لڳ ڀڳ هڪ ميل جي پنڌ ۾ سنڌوءَ کي فقط 9انچ لاهي ملي ٿي. جبلن کان تيزيءَ سان لهندڙ سنڌو پنهنجي طاقت سان جابلو وادين مان هيڪاندي لٽ کڻي اچي ٿي پر جڏهن تراکڙا پٽ اچن ٿا تڏهن سندس طاقت گهٽجيو وڃي جنهن ڪري سندس رفتار به گهٽجيو وڃي. واري ۽ لٽ جا تهه درياهه جي پيٽ ۾ دڙا ۽ ٻيٽ ٺاهين ٿا جنهن ڪري درياهه جي وهڪري ۾ اڃا به رنڊڪ پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو درياهه پنهنجي پيٽ ۾ ٺهيل دڙن سان جهيڙي ٿو ۽ نانگ جيان وٽ سٽ کائي واٽ ٺاهي ٿو. ان ويڙهه ۾ ڪنارا کائي ٿو، ڀِڪون ڊاهي ٿو ۽ پاسن کان ننڍيون وڏيون ڍنڍون ۽ دٻا ٺاهي ٿو ۽ پوءِ موقعو ملڻ تي اتان نئون لنگهه ٺاهي نڪري وڃي ٿو. پر اهڙا موقعا کيس ان مهل ملن ٿا جڏهن چؤماسي جو پاڻي سنڌوءَ جي مندائتي وڏي وهڪري سان گڏجي وڏو لشڪر کڻي ڪاهي ٿو اهو سلسلو صدين کان جاري آهي.
سنڌ ۾ درياهه جي لاهيءَ جو مسئلو اڃا گنڀير آهي. گڊو بئراج کان سکر بئرا تائين فاصلو 80ميل آهي، جنهن وچ ۾ سنڌوءَ جي لاهي فقط 50فُٽ آهي يعني گڊوءَ وٽ درياهه جي سطح سمنڊ کان فقط 250 فُٽ مٿي آهي، جڏهن ته سکر وٽ درياهه جي سطح لڳ ڀڳ 200 فُٽ آهي. سيوهڻ وٽ اها اوچائي 111 فُٽ آهي جڏهن ته سکر کان سيوهڻ جو فاصلو 120ميل آهي، يعني 120ميلن جي پنڌ ۾ درياهه کي فقط 89 فُٽ لاهي ملي.غلام محمد بئراج وٽ سطح 70فُٽ آهي ۽ سيوهڻ کان پنڌ60 ميل آهي يعني سٺ ميلن ۾ فقط 40 فُٽ لاهي آهي. غلام محمد بئراج کان ڳاڙهي جو پنڌ 100ميل (160 ڪلوميٽر) آهي ۽ سمنڊ کان اوچائي فقط 11 فُٽ آهي. انهن سؤ ميلن ۾ درياهه کي ڪل لاهي 59-فُٽ آهي جيڪا سنڌوءَ جي سفر ۾ گهٽ ۾ گهٽ آهي. مجموعي طور تي گڊوبئراج کان ڳاڙهي تائين 370 ميلن جي پنڌ ۾ سنڌوءَ کي فقط 250فُٽ لاهي ملي آهي يعني هر ميل تي فقط 8- انچ. مٿي ڏنل فاصلا ورن وڪڙن موجب نه آهن پر اهي سڌا آهن.