2020-06-26
داخلا نمبر 277
عنوان سيوهڻ کان اڳتي
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2010
داخلا جو حوالو:
1989.11.20-A.D
اَڙل (مؤج؟) سومر، 20_ نومبر 1989ع قديم تاريخ ۾ مؤج جو ذڪر آهي، جتي محمد بن قاسم جي لشڪر جو سنڌي فوجن سان ٽڪراءُ ٿيو هو. امڪان آهي ته محمد بن قاسم جي وقت ۾ اڙل جو ڇوڙ اڃا ڪي ميل ڏکڻ اوڀر وهڻ بعد سنڌوءَ ۾ ٿيو ٿي.
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
سيوهڻ کان اڳتي ...
اَڙل (مؤج؟)
سومر، 20_ نومبر 1989ع
قديم تاريخ ۾ مؤج جو ذڪر آهي، جتي محمد بن قاسم جي لشڪر جو سنڌي فوجن سان ٽڪراءُ ٿيو هو. امڪان آهي ته محمد بن قاسم جي وقت ۾ اڙل جو ڇوڙ اڃا ڪي ميل ڏکڻ اوڀر وهڻ بعد سنڌوءَ ۾ ٿيو ٿي.
ان ريت اڙل، منڇر مان نڪرڻ بعد سيوهڻ واري قلعي جي اتر ۽ اوڀر کان ڦري، ڏکڻ طرف لڪيءَ وٽان، جتي هاڻي درياهه آهي، هاڻوڪي ريلوي ڦاٽڪ وٽ، ڦٽل وهڪرن مان ٿيندي جنهن کي اڄڪلهه واهڙ چون ٿا، ڪجهه اڳتي هلڻ کانپوءِ، وري اوڀر طرف وڌي، سنڌوءَ ۾ پوندي هئي. اهائي ”مؤج“ هئي. مؤج معنيٰ وهڪرو. ٿي سگهي ٿو ته لڪيءَ وٽ ڀرپاسي ۾ ڪنهن ننڍڙي قلعي جا ڇڊا آثار هاڻي به ملي پون. محمد بن قاسم جڏهن نيرون ڪوٽ (منهنجي خيال ۾ رني ڪوٽ) فتح ڪيو هو تڏهن، مانسون جا وڏا مينهن پئجي چڪا هئا جنهن سبب منڇر به ڀرجي چڪي هوندي.۽ اڙل واهه (مؤج) ڀرپور نموني وهي رهيو هوندو.