2020-06-17
داخلا نمبر 55
عنوان ليکڪ پاران : سنڌوءَ جو سفر
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 1942
داخلا جو حوالو:
1992.12.05-A.D
سنڌوءَ جو سفر ڪتاب جي ليکڪ ھن ڪتاب لاءِ ليکڪ پاران لکيو
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
ليکڪ پاران
’سنڌو مهم‘ ته ٽن هفتن ۾ پوري ٿي وئي، پر ان دوران گڏ ڪيل معلومات کي ترتيب ڏئي مڪمل ڪرڻ هڪ اهڙو ڪم هو، جيڪو شايد ممڪن نه ٿئي ها، جيڪڏهن ’سنڌيڪا‘ نه اتساهي ها. لکڻ جو مرحلو ستن اٺن مهينن ۾ مڪمل ٿيو آهي، پر جيڪڏهن جمع ڪيل مواد کي پني تي لاهڻ وارو مدو به شامل هجي، ته پورو هڪ سال ڪَٿي سگهبو. پڙهندڙن کي هيءَ محنت قبول پوي، اها ئي منهنجي لاءِ وڏي ڳالهه آهي، نه ته موٽ ۾ ڇاٿو ملي ۽ ڪو ڇا ٿو ڏئي سگهي؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ليکڪ، لکڻ واري عرصي دوران وقت ۽ ڏوڪڙن سان گڏ ٻيو ڇا ڇا وڃائي چڪو آهي؟
ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ مهل، مان انهن مهربانن کي نٿو وساري سگهان جن جي مدد کان سواءِ هيءَ ڪتاب لکڻ ممڪن نه ٿئي ها! مئڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ ڪليم لاشاريءَ جو حوالو، سنڌو مهم ۾ شرڪت لاءِ بنيادي هو، سندن تعاون کانسواءِ اڀياس ممڪن نه هو. ڪتاب لکڻ واري مرحلي ۾، سنڌ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري حميد آخوند، ڊائريڪٽر جنرل ممتاز مرزا، سنڌ پراونشل ميوزم حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ظفر ڪاظمي ۽ شيخ سلطان ٽرسٽ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر علي احمد بروهيءَ جو تعاون تمام اهم رهيو، جن جي مدد سان مختلف لائبريرين ۾ سانتيڪو ماحول ۽ حوالا مليا. سنڌو مهم ۾ شريڪ ساٿين جو به ٿورائتو آهيان، جن مواد ميڙڻ ۾ سهڪار ڪيو. سچ پچ ته مان انهن ماڻهن جو سڀ کان وڌيڪ ٿورائتو آهيان، جن سنڌوءَ جي ڪنارن تي مونکي عجيب عجيب ڏندڪٿائون ٻڌايون ۽ احوال ڏنا. مان ارباب منگي ۽ لطف پيرزادي جو به ٿورائتو آهيان، جن ڪيسٽن تان مواد لاهي ڏنو. مون وٽ ڪنهن به فني شعبي جي مهارت ناهي. مان نه انجنيئر آهيان ۽ نه آرڪيالاجسٽ، نه ثقافت جي گهڻن تفصيلن کان واقف آهيان ۽ نه ئي پاڻ ۾ ايڏي سگهه ساريان ٿو جو هن ڪتاب کي تحقيقي ڪم چئي سگهان. بس! مون اهو ڪجهه لکيو آهي جيڪو ڏٺو،پڙهيو يا ٻڌو اٿم. صرف هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿو ته پيار جو پورهيو ڪيو اٿم. شال قبول پوي!
بدر ابڙو
5- ڊسمبر 1992ع