2020-06-24
داخلا نمبر 249
عنوان لڪل خزاني جي واٽ
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2012
داخلا جو حوالو:
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
لڪل خزاني جي واٽ
خزاني بابت ڪا سڌ رکڻ جي دعويٰ 82 سالن جو ٻڍڙو دلدار شاهاڻي ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته، ”هڪ غار مان ٺڪر جو هڪ ماٽو مليو آهي، جنهن ۾ محمد بن قاسم جي صحيح هئي ... صحيح هڪ اهڙي دستاويز تي هئي جنهن ۾ هڪ خزاني جو ذڪر آهي ۽ ان ماڳ جو ڏس پتو ڏنل آهي، جتي اهو خزانو لڪل آهي.“ دلدار شاهاڻيءَ جو چوڻ آهي ته، ان دولت جي ڪٿ تڏهوڪن اَٺن رپين جي حساب سان ڪيل آهي، جنهن جو اڄوڪي زماني ۾ ملهه ڪيئي ڪروڙ آهي. شاهاڻيءَ جي دعويٰ آهي ته هن، ان قديم سند (دستاويز) جا نشان سمجهيا آهن ۽ اهي پارپتا ڪـرُو جبل جا آهن، جڏهن ته خزاني واري غار گري جبل ۾ آهي. هوڏانهن گري جبل جي نالي سان لڳاتار ٽي جبل آهن. شاهاڻيءَ خوب چڪر ڏنا آهن ڪَـرُو جبل ڪتي جي قبر کان اولهه ۾ بلوچستان ۾ آهي. گُرو جبل ڦوسي لڪ وٽ آهي، گَرو لڪ ٽنڊي رحيم کي ويجهو آهي، گُرِي جبل ڀِتِ جبل کان اولهه ۾ آهي. سڄو کيرٿر ته گهمائي ڇڏيائين، پوءِ به چوي ٿو ته ڏس پتا پڪا آهن.
گَري (ڪَرو، گُرو يا گُرِي) جبل ۾ ڪروڙن جو خزانو آهي يا ناهي؟ اهو هڪ دلچسپ سوال آهي. جيتوڻيڪ دعويٰ وسهڻ کان مٿي آهي، تڏهن به رڪارڊ تي اچڻ ضروري آهي، ڀلي ان بهاني ڪي مهم جُو کيرٿر گهمي اچن. خزانو ڳولڻ ۾ هروڀرو ڪا اربع خطا ناهي. دلدار شاهاڻيءَ قديم دستاويز موجب خزاني واري غار ويجهو جيڪي نشانيون ڳولي لڌيون آهن انهن جو تفصيل اجهو هن ريت آهي:
1- غار جو منهن اڇن پٿرن سان ڍڪيل آهي. 2- غار جي مٿان زمين جو ٽڪرو ڳاڙهو آهي. 3- اُتي ميوي دار وڻ آهن. 4- هڪ اهڙو اڇو پٿر آهي جيڪو عورت جي پستان جهڙو آهي. اهو پٿر هڪ ڇپ تي نمايا نظر اچي ٿو. 5- جبل ۾ هڪ هنڌ مصلي جهڙو نشان آهي، جيڪو اڌ ميل تان ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر ويجهو اچڻ سان گم ٿيو وڃي. 6-اتي يارهن فوٽ ڊگهي هڪ قبر آهي. جڏهن قبر جي کوٽائي ڪئي وئي ته هڪ کوهه نڪتو. 7- واٽ تي بادامي رنگ جو هڪ اهڙو پٿر ملي ٿو جيڪو ٻيڙيءَ جهڙو آهي. 8- ان ٻيڙيءَ جي مٿان اولهه طرف جبل ۾ ٽيهه پنجٽيهه فوٽ هڪ غار آهي. غار ۾ لوهي ڪِليون لڳل آهن ته جيئن ماڻهو ان ۾ آسانيءَ سان اندر وڃي سگهي، پر اڄ تائين ڪو به ماڻهو ان ۾ اندر نه ويو آهي. 9- جبل ۾ صاف ٿيل هڪ جاءِ تي ڇيڻيءَ سان پٿر ٽُڪي ڪي اکر لکيا ويا آهن، پر ٻولي سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ 10- هتي مارنگ آهن هر هڪ بادامي رنگ جو ۽ ڏهن ڏهن فوٽن جو آهي. شڪل ۾ هڪ جهڙا، هڪ جيترا ۽ مستطيل آهن، وزن به هڪ جيترو اٿن. اهي زمين ۾ اُڀا کتل آهن.
شاهاڻيءَ جو چوڻ آهي ته، خزانو ڪِلين واري غار ۾ ناهي. پر اتي ئي ڪٿي هڪ غار ۾ آهي جنهن جو منهن اڇن پٿرن سان بند ٿيل آهي.هي سڀ وصفون ڪن آرڪيالاجيڪل ماڳن جون آهن ۽ ڪافي دلچسپ آهن.