2020-06-21
داخلا نمبر 211
عنوان مٿي جو سور لاهيندڙ پير - شادي شهيد
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 1933
داخلا جو حوالو:
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
مٿي جو سور لاهيندڙ پير : شادي شهيد
خيرپور شهر کان ڏهه پندرهن ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ جتان ٽڪريون شروع ٿين ٿيون، گاڏيءَ رستي اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي شادي شهيد جي درگاهه آهي. چون ٿا ته جنهن ماڻهوءَ کي مٿي جو سور نه ڇڏيندو هجي اهو هتي اچي حاضري ڀري، سور ڇڏي ويندس. هيءُ هڪ وڏو قبرستان آهي جتي گهڻو ڪريرند بلوچ پوريل آهن. شادي شهيد کيبلوچن جو پير چئجي ته به غلط نه ٿيندو. ويجهو ڪا به وڏي آبادي ناهي البت اڪثر ڪري بلوچ قبيلا پري پري کان ڪهي اچي پنهنجا مڙدا دفنائن ٿا.شادي شهيد رند بلوچ هو پاڻ ڪهڙي جنگ ۾ ۽ ڪڏهن شهيد ٿيو؟ اهڙي ڪا معلومات آئون حاصل ڪري نه سگهيس.
مٿي جو سور لاهڻ جو طريقو به دلچسپ آهي. گادي نشين مريض کي درگاهه اندر ويهاري هن جي آڏو هڪ روٽ ڇُريءَ سان وڍي ٻه اڌ ڪري ٿو. روٽ وڍڻ مهل قرآن شريف جون آيتون پڙهي ٿو. چون ٿا ته جيئن ئي روٽ ٻه اڌ ٿئي ٿو مريض جي مٿي جو سور لهيو وڃي.