2020-06-21
داخلا نمبر 199
عنوان پتن جي ماڙي
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2664
داخلا جو حوالو:
1934.00.00-A.D
پتن جي ماڙي اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو ماڻهو لئنسڊائون پل رستي سکر کان روهڙي وڃڻ وقت پتڻ جي ماڙي نه ڏسي. اها ست ماڙ عمارت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٺهي. هيءَ ’ڪنهيا لال ڪاٽيج‘ آهي، جيڪا 1934ع ۾ ٺهي هئي. ڳاڙهين سرن سان ٺهيل عمارت جون مٿيون ٽي منزلون خوبصورت گئلرين ۽ ٽيرسن تي ٻڌل آهن. سچ پچ ته هندو سيٺين کي سهڻيون عمارتون اڏڻ جو شوق هو. پتن جي ماڙيءَ وانگر بيٺل هيءَ عمارت سڄي سنڌ ۾ پنهنجي نوعيت جي اڪيلي عمارت آهي. اسان پتن جي ماڙيءَ جي ڇت تان بيهي سنڌوءَ جو منظر نه ڏٺو آهي پر يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهو
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
پتن جي ماڙي
اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو ماڻهو لئنسڊائون پل رستي سکر کان روهڙي وڃڻ وقت پتڻ جي ماڙي نه ڏسي. اها ست ماڙ عمارت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٺهي. هيءَ ’ڪنهيا لال ڪاٽيج‘ آهي، جيڪا 1934ع ۾ ٺهي هئي. ڳاڙهين سرن سان ٺهيل عمارت جون مٿيون ٽي منزلون خوبصورت گئلرين ۽ ٽيرسن تي ٻڌل آهن. سچ پچ ته هندو سيٺين کي سهڻيون عمارتون اڏڻ جو شوق هو. پتن جي ماڙيءَ وانگر بيٺل هيءَ عمارت سڄي سنڌ ۾ پنهنجي نوعيت جي اڪيلي عمارت آهي. اسان پتن جي ماڙيءَ جي ڇت تان بيهي سنڌوءَ جو منظر نه ڏٺو آهي پر يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهو نظارو ستين جي آستان واري نظاري کان گهٽ نه هوندو.