2020-06-20
داخلا نمبر 169
عنوان گهاڙ
شاخ سنڌوءَ جو سفر
پڙهيو ويو 2996
داخلا جو حوالو:
هن داخلا جون تصويرون نه مليون
گهاڙ
ڪلهوڙن جي دور ۾ واهه کوٽيزرعي آبادي وڌائي وئي. لئمبرڪ گهاڙ ۽ الهندي ناري جو گڏيل ذڪر ڪندي چوي ٿو ته انهن عظيم واهن تي Spoil Banks نه هئڻ ۽ سندن زبردست ورن وڪڙن مان ئي ظاهر آهي ته اهي پنهنجو پاڻ ٺهيا. اها راءِ هن سنڌ گزيٽيئر ۽ هئگ جي ڪتاب انڊس ڊيلٽا ڪمنٽري تان ورتي آهي. هو چوي ٿو ته انهن جي عمر وڏي آهي جنهن جو اندزو ان جي جاگرافيائي هلت مان هڻي سگهجي ٿو. پٿاوالا قديم آثارن ۽ درياهن جي پراڻن وهڪرن بابت ٺاهيل هڪ نقشي ۾ هڪ وهڪرو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي کان شروع ٿي، باڊهه ۽ مُهين جي دڙي جي وچ مان لنگهي ڏکڻ اولهه ۾ وڌڻ کانپوءِ سر ڏکڻ ۾ هلي منڇر ۾ پوي ٿو. پٿاوالا، ان وهڪري کي الهندو نارو سڏي ٿو ۽ اهو وهڪرو 3000 ق. م. جو ڄاڻائي ٿو.